
حيدرآباد:(ڇنڇر 23 آگسٽ 2025ع)اينٽي ڪالاباغ ڊيم تحريڪ جي پھرئين شھيد ڪامريڊ مظھر جتوئي جي 27 ورسي حيدرآباد ۾ ملھائي وئي، ورسي تقريب جي شروعات شھيد ڪامريڊ مظھر جتوئي جي آخري آرامگاهه تي گلن جي چادر چاڙهي دعا گهري وئي.
ورسي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي ۽ ٻين چيو ته اڄ ڪالاباغ ڊيم تحريڪ جي پھرئين شھيد ڪامريڊ مظھر جتوئي جي 27 ورسي آھي اڄ کان 27 سال پھرئين سنڌو درياء تي ڪالا باغ ڊيم اڏڻ جو منصوبو پيش ٿيو انھي منصوبي خلاف سنڌ ڌرتي جي دلير پٽ شھيد ڪامريڊ مظھر جتوئي اينٽي ڪالاباغ ڊيم تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ ڀرپور جدوجھد ڪندي شھيد ٿي ويو شھيد ڪامريڊ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو اڄ به اسان کي اھڙن ھيرن جھڙي انمول ڪردارن جي سخت ضرورت آهي سنڌ جي پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙي خلاف پنھجي جان جو نذرانو پيش ڪيو کيس سرخ سلام پيش ڪجي ٿو
هن چيو ته اڄ به 27 سال واري ساڳي صورتحال آھي سنڌ جي زمينن، معدنيات، وسيلن، سنڌو درياءَ جي پاڻي تي ڌاڙو ھنيو پيو وڃي ۽ انھي ڌاڙي ۾ پيپلز پارٽي وفاق سان برابر جي شريڪ آهي پيپلزپارٽي اقتدار جي لالچ ۾ وفاق کي سنڌو درياء، سنڌ جون زمينون، معدنيات ۽ وسيلا کپائي ڇڏيا آهن سنڌ حڪومت جو ڪردار منافقت تي ٻڌل آهي پيپلزپارٽي سنڌ سان غداري ڪري رھي آھي اسين سنڌ حڪومت کي سنڌ جي زمينن، معدنيات ، وسيلن کي ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي وڪڻڻ نه ڏينداسين، سنڌ جي ماڻھن کان ھاڻي ھي ڌرتي کسي پئي وڃي سنڌ جي زمينن تي ھارين مزدورن جو حق آهي. گذريل 17 سالن کان وٺي پيپلزپارٽي سنڌ ۾ حڪومت ۾ آھي ھينئر تازين برساتن بعد سنڌ حڪومت جي پت وائکي ٿي وئي آهي برساتن بعد سنڌ جو گادي وارو هنڌ ڪراچي ٻڏي ويو ماڻھو بي يارو مددگار آھن سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي سميت ھر شھر ۾ برساتن بعد ماڻھو سخت مشڪلاتن کي منھ ڏئي رھيا آھن پر سنڌ حڪومت سواءِ ڪوڙن دعوائن جي ٻيو ڪجھ نه ڪري سگھي آهي اڃا تائين پاڻي نيڪال ناھي ٿي سگھيو.
هن چيو ته سنڌ حڪومت سنڌ جي عوام کي سواءِ ڪرپشن، بدامني، مھانگائي ۽ بيروزگاري جي ٻيو ڪجھ به ناھي ڏنو ڊگريون پاس نوجوانن جي حقن تي ڌاڙو ھنيو ويو ميرٽ جي لتاڙ ڪري لکين رپين جي عيوض نوڪريون وڪرو ڪيون ويون جلد سنڌ ھاري ڪاميٽي جو اجلاس گھرائي سنڌو درياء جي پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙي ڪارپورئيٽ فارمنگ ، سنڌ جي وسيلن تي قبضي ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف سنڌ ھاري ڪاميٽي پاران ڀرپور جدوجھد ڪئي ويندي ان موقعي تي سنڌ هاري ڪاميٽي اڳواڻ جبار باغي، ڪامريڊ محبوب حيدر، ولي محمد برهماڻي، سلطان بلوچ سميت ٻيا ڪيترائي ڪارڪن شريڪ هئا۔
0 تبصرے
Do not use vulgar language