welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سکر ۾ پلاٽ جي مالڪي تان هڪ ڄڻو قتل، پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر ڊيوٽي تان غائب

سکر:(اڱارو 19 آگسٽ 2025ع)شڪارپور روڊ سکر جو 50 ورهين جو ممتاز علي ميمڻ رهواسي نصير آباد ۾ پنهنجي پلاٽ جي سار سنڀال لاءِ ويو ته اُتي برادريءَ جي ماڻهن مبينا طور تي کيس وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع ملڻ تي پوليس لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال سکر منتقل ڪيو. وڏي انگ ۾ مقتول جا وارث به اسپتال پهتا. اِن دوران مرده خاني جي بجلي بند هجڻ سان گڏ پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر ڊيوٽيءَ تان ئي غائب هيو، مقتول جي وارثن مطابق ڊيوٽيءَ ڊاڪٽر کي فون ڪالز به ڪرايون ويون، پر اِن باوجود به ڊاڪٽر پنهنجي مرضيءَ سان ديوٽيءَ تي پهتو. اِن قسم جي واقعن ۾ اڪثر ڊيوٽي ڊاڪٽر پنهنجي ڊيوٽي تان غائب هجن ٿا، جنهن متعلق ايم ايس توڙي لاڳاپيل اختيارين کي شڪايتون به ڪيون ويون آهن پر ڪو تدارڪ ناهي ٿيو. ڪلاڪن کان پوءِ مقتول ممتاز ميمڻ جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. اِن ڏس ۾ مقتول ممتاز علي ميمڻ جي پٽ عامر ميمڻ مطابق اسان جي پلاٽ تي برادريءَ جا ماڻهو قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، جنهن لاءِ انهن بابا کي اڳ به ڌمڪايو هو، ڪالهه بابا نصير آباد ۾ واقع پنهنجي پلاٽ تي ويو ته اُن کي بيدرديءَ سان تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد قتل ڪيو ويو آهي. هن ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان نوٽيس وٺي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ٻئي طرف سائيٽ ايريا پوليس جو چوڻ آهي ته ممتاز ميمڻ جا وارث اطلاع ڏئي ويا آهن ته جهيڙو ٿيو آهي، جنهن بعد ممتاز ميمڻ کي دل جو دورو پيو، جنهن کي اين اءِ سي وي ڊي داخل ڪيو ويو آهي. هاڻي اطلاع ملي آهي ته ممتاز ميمن فوت ٿي ويو آهي. جنهن جو لاش پوليس پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال سکر منتقل ڪيو آهي. پوسٽ مارٽم رپورٽ بعد ئي تصديق سان ڪجهه ٻڌائي سگهجي ٿو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے