
دادو:(اڱارو 19 آگسٽ 2025ع)دادو شهر جي سيال موري ڀرسان چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ خوني تڪرار تان موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن پسٽل جا فائر ڪري ڳوٺ دانو چانڊيو جي رهواسي امام بخش پٽ نور محمد چانڊيو کي قتل ڪري موقعي تان ڀڄي ويا آهن، اطلاع تي اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس واقعي هنڌ پهچي فوتي جو لاش جو قانوني ڪارروائي لاءِ دادو جي ڊي ايچ ڪيو اسپتال آندو، جتي قانوني ڪارروائي بعد فوتي جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي دادو ڀرسان ڳوٺ دانو چانڊيو کڻائي ويا آهن، اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته خان چانڊيو ۽ محمد بچل چانڊيو جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ خوني تڪرار تان خان چانڊيو ڌر جي هٿياربندن پسٽل جا فائر ڪري امام بخش پٽ نور محمد کي قتل ڪري ويا آهن، نوجوان امام بخش چانڊيو جي قتل کان پوءِ ڌريون مورچا بند ٿي ويون آهن، ٻنهي ڌرين جي مورچا بند ٿيل هٿياربندن ۾ فائرنگ ٿيڻ جا پڻ اطلاع آهن، فائرنگ سبب ڪچي جي ڳوٺاڻن ۾ خوف، حراس واري ڇائجي وئي آھي، پوليس ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته چانڊيا برادري جي ٻنھي ڌرين ۾ هڪ سال کان هلندڙ خوني تڪرار ۾ ٻنهي ڌرين جا 2/2 ڄڻا قتل ٿيا آهن.
ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار جي نبيري لاءِ منٿ ميڙ قافلو به اچي چڪو
دادو: ڪچي جي ڳوٺ دانو چانڊيو ۽ ڳوٺ گلاب شيخ جي رهواسي خان چانڊيو ۽ محمد بچل چانديو ڌرين وچ ۾ ھلندڙ خوني تڪرار کي ختم ڪرڻ لاءِ سماجي اڳواڻ سهيل احمد ڏاوڇ، محمد بخش ڪورائي ۽ ٻيا چانڊيا برادري جي ٻنهي ڌرين ڏانهن ميڙ کڻي ويا هئا، خان چانڊيو ڌر ميڙ کي مان ڏنو ۽ محمد بچل چانڊيو ڌر مھلت ورتي هئي، پر امام بخش چانڊيو جي قتل کانپوءِ ڌرين ۾ ٺاھه واريون ڳالهيون ختم ٿي ويون آهن.ڪچي ۾ چانڊيا برادري جي خان چانڊيو ۽ محمد بچل چانڊيو جي ڌرين خوني تڪرار سبب هڪ نه ٻئي ڏينهن فائرنگ جي ڏي وٺ سبب 10 کان وڌيڪ پرائمري ميل توڙي فيمل اسڪول بند پئجي ويا آهن، جنهن سبب سوين شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language