
اسلام آباد:(اڱارو 19 آگسٽ 2025ع)سينيٽ اسلام آباد ۾ ٻارن جي روزگار تي پابندي بابت سينيٽر فوزيه ارشد جي بل سميت ڪيترائي نجي بِل منظور ڪري ڇڏيا. سينيٽر فوزيه ارشد جي بل ۾ چيو ويو آهي ته 14 سال کان گهٽ عمر جي ٻار کي نوڪري تي نه رکيو ويندو. 14 سال کان مٿي عمر جي ٻار کان ڪو نقصان وارو ڪم نه ورتو ويندو. 14 سال کان وڏي عمر جي ٻار کان ٽن ڪلاڪن کان وڌيڪ ڪم نه ڪرايو ويندو. 14 سال کان وڏي عمر جي ٻار کي اهڙي نوڪري تي لڳايو ويندو، جنهن سان هن جي اسڪول جي پڙهائي متاثر نه ٿئي. 14 سال کان وڏي عمر جي ٻار کي شام ستين وڳي کان صبح اٺين وڳي تائين نوڪري تي نه لڳايو ويندو. جيڪو شخص 14 سال کان گهٽ عمر جي ٻار کي نوڪري تي رکندو، ان کي ڇهه مهينا قيد ۽ 50 هزار رپيا ڏنڊ ٿيندو. جيڪڏهن ٻار کي نقصان واري ڪم لاءِ ڀرتي ڪيو ويو ته نوڪري ڏيندڙ کي هڪ لک رپيا ڏنڊ ۽ ٽن سالن تائين قيد جي سزا ٿيندي. 14 سال کان وڏي عمر جي ٻار کان وڌيڪ ڪم وٺڻ تي ڇهه مهينا قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا هوندي. ٻار کي ڪنهن به قسم جي غلامي لاءِ ڀرتي ڪرڻ، زبردستي مشقت ڪرائڻ يا هٿياربند تڪرارن ۾ استعمال ڪرڻ تي ڏهه لک رپيا ڏنڊ ۽ ٽي سال قيد جي سزا ٿيندي. ٻار کي پورنوگرافي لاءِ استعمال ڪرڻ تي ڏهه لک رپيا ڏنڊ ۽ ٽي سال سزا ٿيندي. ٻار کي منشيات لاءِ استعمال ڪرڻ تي به ڏهه لک رپيا ڏنڊ ۽ ٽي سال قيد جي سزا ٿيندي. سينيٽ ۾ ملتان ۾ فاطمه يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي قيام جو بل سينيٽر هدايت الله خان پيش ڪيو. سينيٽ پيپرا ترميمي بل منظور ڪري ڇڏيو. سينيٽ پاڪستان ڪائونسل سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ترميمي بل به منظور ڪري ورتو. سينيٽ فوجداري قانونن ۾ ترميم وارو بل، ايچ اي سي ترميمي بل ۽ پاڪستان بيت المال ترميمي بل به منظور ڪري ورتا آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language