
ڪراچي:(اڱارو 19 آگسٽ 2025ع)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ ارسا ۾ سنڌ مان وفاقي ميمبر مقرر نه ڪرڻ تي سخت ناراضپو ظاهر ڪندي 16 سيپٽمبر تي رٿيل ٻڌڻي کان اڳ سنڌ مان وفاقي ميمبر جي مقرري جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت وڌيڪ چيو ته عدالتي حڪمن تي عمل ڪرڻ کانپوءِ ئي ڌريون ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿين، عدالت چيو ته جيڪڏهن عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪيو ويو ته اسٽيبلشمينٽ جي وفاقي سيڪريٽري انعام الله ڌاريجو ۽ آبي وسيلن جي سيڪريٽري علي مرتضيٰ تي فرد جرم لاڳو ٿيندي، عدالتي حڪمن باوجود اهي پيش نه ٿيا ته سندن وارنٽ جاري ڪيا ويندا، سنڌ هاءِ ڪورٽ ايڊيشنل اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته توهان سنڌ مان ارسا جو وفاقي ميمبر ڇو نه پيا مقرر ڪريو؟، جسٽس ڪي ڪي آغا سوال اٿاريو ته عدالت کي ٻڌايو وڃي ته عدالتي فيصلي تي اڃا تائين عمل ڇو ناهي ٿيو؟ ڇا توهان وفاق ۽ جمهوريت تي يقين رکو ٿا؟ آئين تي عمل ڇو نه ٿي رهيو آهي؟ درخواستگذار جي وڪيل فيضان ميمڻ چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف 2013ع ۾ سپريم ڪورٽ ۾ به اپيل داخل ڪئي وئي هئي، عدالت انهي درخواست کي به اڪلائي ڇڏيو آهي، عدالت درخواستگذار جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته وفاقي ميمبر سنڌ بدران ٻيو ڪٿان مقرر ٿيندو آهي؟ جنهن تي وڪيل چيو ته وفاق پنجاب مان ارسا جو وفاقي ميمبر مقرر ڪيو آهي، عدالت وفاقي سرڪار جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته مون کي ٻڌايو ته توهان ارسا ۾ سنڌ جو وفاقي ميمبر ڇو نه ٿا مقرر ڪريو؟ 16 سيپٽمبر تائين عدالتي فيصلي تي عمل ٿيڻ گهرجي، جسٽس عدنان ڪريم پڇاڻو ڪندي چيو ته ارسا ۾ ڪيترا ميمبر آهن؟ جنهن تي وڪيل چيو ته ارسا ۾ ڪل 5 ميمبر آهن، هر صوبي ۽ وفاق مان هڪ ميمبر مقرر ڪيو ويندو آهي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ 2017ع ۾ فيصلو ڏنو هو، 2017ع کان ارسا ۾ سنڌ مان وفاقي ميمبر مقرر نٿو ڪيو وڃي، ڪالهه ٻڌڻي ايڊيشنل اٽارني جنرل اسلام آباد هاءَ ڪورٽ جو حڪم نامو جمع ڪرائي ڇڏيو، هن چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ارسا جي موجوده ڍانچي کي تبديل ڪرڻ کان روڪيو آهي، جنهن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو ته عدالت وفاقي حڪومت کي چار هفتن جو وقت ڏنو هو، عدالت اها آبزرويشن به ڏني هئي ته جيڪڏهن عدالتي حڪم تي عمل نه ٿيو ته وفاقي ميمبر پاڻمرادو معطل ٿي ويندو، جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم نامي تي وفاقي حڪومت لاءِ عملدرآمد لازمي آهي، جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل سينيٽر ضمير گهمرو چيو ته وفاق لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي به عملدرآمد لازمي آهي, انهي معاملي تي وفاقي حڪومت کان وضاحت طلب ڪئي وڃي، سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو ته بظاهر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان حقيقتون لڪايون ويون هونديون، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ حڪم نامو جاري ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ 2017ع ۾ ارسا ۾ وفاقي ميمبر سنڌ مان مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، وفاقي حڪومت انهي حساس مسئلي کي ڇو ڊگهو پئي ڪري؟ وفاقي حڪومت صوبن جا خدشا گهٽائڻ بدران ڇو پئي وڌائي؟ جيڪڏهن وفاقي حڪومت چاهي ته عدالتي حڪمن جي روشني ۾ اهو مسئلو حل ٿي سگهي ٿو، عدالت چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي بعد هڪ ٻي هاءِ ڪورٽ اسٽي جاري ڪري سگهي ٿي؟ عدالت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست جو سمورو رڪارڊ طلب ڪري ورتو .
0 تبصرے
Do not use vulgar language