
ڪراچي:(اڱارو 19 آگسٽ 2025ع)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان اغوا وارين وارداتن جي مڪمل روڪٿام ڪري ڇڏي آهي، هاڻ ڀنگ لاءِ اغوا وارداتن کي برداشت نه ڪيو ويندو، پوليس عملدار ’هني ٽريپ‘ (هرکائڻ ) وارين وارداتن تي ضابطي لاءِ سخت ڪارروائي ڪن، وزيراعليٰ هائوس ۾ امن امان بابت ٿيل اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته هو سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزنن جي ڪچي ۾ قانون ۽ امن جي صورتحال کي بهترين ڏسڻ چاهيون ٿا، هن پوليس عملدارن کي حڪم ڏنو ته اهي هر وقت ھوشيار رهن، ڀنگ لاءِ اغوا واردات کي برداشت نه ڪبو، هن چيو ته ڌاڙيلن ۽ سندن سهولتڪارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن ڀنگ لاءِ اغوا جي ڪا واردات نه ٿئي، گھرو وزير ضياءَ لنجار ۽ آءِ جي غلام نبي ميمن بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته گھوٽڪي ۽ شڪارپور ۾ وڏي پيماني تي آپريشن ذريعي ڌاڙيلن ۽ سندن سهولتڪارن جا لڳ ڀڳ 500 ٺڪاڻا تباهه ڪيا ويا۔ جنوري 2024ع کان 2025ع تائين 115 ڌاڙيل ماريا ويا، 208 زخمي ٿيا ۽ 582 گرفتار ڪيا ويا جڏهن ته8 انتهائي گهربل ڏوهاري به ختم ڪيا ويا، هنن چيو ته 2025ع ۾ اغوا جا 91 ڪيس رپورٽ ٿيا، جن مان 88 مغوي محفوظ طريقي سان بازياب ڪرايا ويا، ساڳئي ريت ’هني ٽريپ‘ تحت اغوا ٿيندڙ 287 ماڻهو ڪاميابي سان آزاد ڪيا ويا، گھرو وزير وڌيڪ ٻڌايو ته ماضي ۾ هاءِ ويز تي ڦرن جا واقعا عام هئا پر هاڻي انهي لعنت جو خاتمو آندو ويو آهي۔ وڏي وزير چيو ته صوبي جي سڀني شاهراهن کي محفوظ ۽ وڌيڪ محفوظ بڻائڻو پوندو. مراد علي شاهه گھرو وزير کي هدايت ڏني ته ڌاريلن کي هٿيار فراهم ڪندڙ سپلاءِ لائين ختم ڪرائي وڃي، هن سوال اٿاريو ته حساس هٿيار ڪچي ۾ ڌاڙيلن تائين ڪيئن پهچن ٿا؟ انهي جي جاچ لازمي آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه آءِ جي پوليس کي هدايت ڏني ته ڏوھاري گروهن جو مڪمل طور تي خاتمو يقيني بڻايو وڃي، هن چيو اسان اڳ ئي اغوا جي روڪٿام ڪئي آهي هاڻي اسان کي ڌاڙيلن جو سدائين لاءِ خاتمو ڪرڻو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language