welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

وفاقي ڪابينا پاران متاثرن لاءِ هڪ پگهار ڏيڻ جو اعلان: متاثرن جي بحالي يقيني بڻايو: وزيراعظم

اسلام آباد:(اڱارو 19 آگسٽ 2025ع)وزيراعظم پاران وفاقي ادارن کي ڪي پي ۾ ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ متحرڪ ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي سرگرمين جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا پاران هڪ هڪ مهيني جي پگهار عطيو ڪرڻ جي اعلان ڪيو ويو، وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڏُکئي وقت ۾ ڪابه وفاقي يا صوبائي حڪومت ناهي هوندي، اسان کي متاثرن جي مدد ۽ بحالي يقيني بڻائڻي آهي، اين ايچ اي رستن جي بحالي ۾ صوبائي يا قومي شاهراهن جو فرق نه ڪري، امداد لاءِ رستا کولڻ اوليت هجڻ گهرجي، وفاق فوتين جي پونيئرن ۽ متاثرن کي وزيراعظم پيڪيج تحت امدادي رقمون به ڏيندو، وفاقي ناڻي وزارت کي اين ڊي ايم اي کي گهربل وسيلا مهيا ڪرڻ جي به هدايت ڪئي، اجلاس کي اين ڊي ايم اي ۽ وفاقي وزيرن امدادي سرگرمين بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن، پاڪ فوج ۽ ٻين ادارن جي مدد سان 456 رليف ڪيمپ قائم ڪيون آهن ۽ 400 ريسڪيو آپريشن مڪمل ڪيا آهن، شروعاتي اندازي مطابق 126 ملين رپين کان وڌيڪ جو سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن جو نقصان ٿيو آهي. اين ڊي ايم اي طرفان راشن، خيما، دوائون، ميڊيڪل ٽيمون ۽ ٻيو سامان فراهم ڪرڻ جي رپورٽ پيش ڪئي وئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے