welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

مدئجي ويجھو اسڪولي ٻارڙا اغوا جي ڪوشش، پوليس مقابلو، اهلڪار زخمي

مدئجي:(اڱارو 19 آگسٽ 2025ع)مدئجي ويجهو امروٽ ٿاڻي جي حد سکر لاڙڪاڻو مين روڊ نئين پل تي هٿياربندن پاران اسڪولي ٻار کڻي ويندڙ وين کي روڪي اسڪولي ٻارن کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. پوليس جي بروقت پهچڻ تي ڏوهارين ۽ پوليس ۾ مقابلو ٿي پيو آھي، جنهن جي نتيجي ۾ گولي لڳڻ سبب پوليس اهلڪار اسرار ڏنوَر سخت زخمي ٿي پيو آھي، زخمي اهلڪار کي نازڪ حالت ۾ ضياع الدين اسپتال سکر منتقل ڪيو ويو آھي، هوڏانهن ضلعي شڪارپور جو ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ پوليس نفري ساڻ ڪري واقعي واري هنڌ پهچي مختلف رستن کان ناڪا بندي شروع ڪري ڏني آھي،رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او امروٽ جانزيب ميمڻ ٻڌايو ته هٿياربندن اسڪول جي وين کي روڪي شاگرد اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس جي بروقت پهچڻ تي پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو ٿي پيو آھي. جنهن ۾ هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو آھي، جلد کان جلد ڏهارين کي گرفتار ڪيو ويندو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے