
ميروخان:(اڱارو 19 آگسٽ 2025ع)ميروخان ويجهو ڳوٺ محمد خان بروھي مان 2 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل نوجوان جو وارھه برانچ مان تشدد ٿيل لاش هٿ آيو آهي. علائقي واسين ڳوٺ جواڻو مگسي لڳ وارھه برانچ ۾ لڙهندڙ لاش کي ڏسي ٻاهر ڪڍي پوليس کي اطلاع ڏنو، وارھه برانچ مان لاش هٿ اچڻ واري خبر پوڻ کان پوءِ پوليس اهلڪار علي نواز بروهي پهچي لاش جي سڃاڻپ پنهنجي 2 ڏينهن گم ٿي ويل ڀاڻيجي عبدالقادر پٽ الله ڏنو بروهي طور ڪئي، جنهن کان پوءِ نوجوان جو لاش ميروخان پوليس حوالي ڪيو ويو، نوجوان جو لاش ميروخان اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪو گهر پهتو ته وارثن ۾ قهرام مچي ويو، علي نواز بروهي ميڊيا کي ٻڌايو ته ڀاڻيجو عبدالقادر پنجن ٻارن جو پيءُ ۽ هارپو ڪندو هو. جيڪو 2 ڏينهن اڳ رات جو موبائل فون تي ڳالهائيندي گهران نڪتو ته واپس نه آيو جنهن جي پراسرار گمشدگي بابت ميروخان ٿاڻي تي اين سي پڻ داخل ڪرائي هئي، هن چيو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي ڀاڻيجي کي مبينا اغوا ڪرڻ بعد بيدردي سان قتل ڪري لاش وارھه برانچ ۾ لوڙهي ظلم ڪيو ويو آهي، هن مطالبو ڪيو ته واقعي جي صاف شفاف جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر محمد اسماعيل لاشاري ٻڌايو ته عبدالقادر جي ڄنگهن تي تشدد جا نشان هئا پر موت ڳلو دٻائڻ جي ڪري ٿيو آهي. لڳي ٿو نوجوان کي تشدد ڪري گهٽا ڏئي مارڻ کان پوءِ لاش واھ ۾ اڇلايو ويو آهي. ميروخان پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان جي وارثن اڃا تائين ڪو ڪارڻ ناهي ٻڌايو ڪيس داخل ڪرڻ بعد واقعي جي سڀني رخن کان جاچ ڪري وارثن سان انصاف ڪيو ويندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language