
باقراڻي:(اڱارو 19 آگسٽ 2025ع)باقراڻي ٿاڻي جي حد ۾ 3 هفتا اڳ مبينا پلاند ۾ قتل ٿيل اهلڪار شهزادو شر جي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارث عورتن پاڪ ڪتاب هٿن ۾ کڻي پنهنجي ٻارڙن سان گڏجي ايس ايس پي چوڪ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو. جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ جام ٿي وئي جتي عورتن پاڻ مٿان پيٽرول هاري خودڪشي جي ڪوشش ڪئي ته ان موجود شهرين عورتن کي بچائي ورتو. ان موقعي مقتول اهلڪار جي پيرسن امڙ خانزادي شر پنهنجي نياڻين لطيفان، شازيه، غنويٰ شر، ڀيڻ اميران خاتون شر ۽ ٻين وارث عورتن الزام هنيو ته ڪجهه مهينا اڳ منهنجي ڏير راضي خان شر کي نامعلوم ماڻهو سندس گهر اندر گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو، جنهن معاملي ۾ اسان ملوث ناهيون، پر ان جي باوجود قتل ٿي ويل پيرسن ڏير راضي خان شر جي پٽ حميد عرف بليدي شر پنهنجي پيءُ جو قتل ڪيس منهنجي مڙس مستي خان شر ۽ پٽن شهزادو شر، علي حسن، گلاب ۽ نثار شر مٿان يونيورسٽي ايٽ آريجا ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو هو، جنهن ڪيس ۾ پوليس منهنجي مڙس مستي خان ۽ پٽ نثار شر کي گرفتار ڪري جيل اماڻي ڇڏيو آهي، جڏهن ته مقتول ڏير راضي خان جي پٽ حميد عرف بليدي شر پنهنجي سئوٽن حميد عرف جهنگل شر، ضمير شر، علي دوست شر ۽ ٻن اڻ سڃاتل جوابدارن سان گڏجي گذريل 29 جولاءِ جي ڏينهن ڳوٺ دولت کوکر ۾ حملو ڪري منهنجي پٽ پوليس اهلڪار شهزادو شر کي گوليون هڻي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو، واقعي جو ڪيس منهنجي فرياد تي حد جي باقراڻي ٿاڻي تي مٿي ڄاڻايل جوابدارن مٿان داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ پوليس صرف هڪ جوابدار ضمير شر کي گرفتار ڪيو آهي، جڏهن ته پوليس مک جوابدار حميد عرف بليدي شر سميت سندس ساٿي جوابدارن کي گرفتار نه پئي ڪري، جيڪا وڏي ناانصافي آهي. جوابدار ڌر اسان جي گهرن مٿان فائرنگ ڪري اسان کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهي . اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ٻي صورت اسين ايس ايس پي آفيس اڳيان پاڻ کي باهه ڏئي اجتماعي خودڪشي ڪنداسين جنهن جي ذميواري لاڙڪاڻو پوليس مٿان هوندي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language