
سکر:(اڱارو 19 آگسٽ 2025ع)بليڪ ميلنگ، هراسان ڪرڻ ۽ اعتراض جوڳيون وڊيو ايڊٽ ڪري سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ٽڪ ٽاڪر جنيد جاني جي امڙ مسمات افروز خاتون وڊيو بيان ۾ پوري سنڌ کان معاف طلب ڪئي آهي. وڊيو بيان ۾ هن چيو آهي ته جنيد جاني جيڪو ڪجهه ڪيو يا ڪنهن کي چيو مان ان جي معافي گهران ٿي. پوري سنڌ جي رهواسين، وڏيرن ۽ ڀوتارن کان معافي گهران ٿي خدارا اسان کي معاف ڪريو. ان کان اڳ مسمات افروز پنهنجي پٽ جنيد جاني سان ملڻ لاءِ پهتي هئي، جنھن دوران هن الزام مڙهيندي چيو ته صبور ميمڻ پئسا عورت کي ڏنا هئا، اهو مايون گھرائيندو هو. هاڻي رقم اسان ڪٿان آڻيون. 44 لک وڏي رقم آهي. ائين صبور ميمڻ منھنجي پٽ کي ايتري رقم ڇو ڏيندو. واضع رهي ته نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي پاران فرسٽ سول جج جي عدالت ۾ جنيد جاني کي پيش ڪري 5 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ حاصل ڪيل آهي. ان کان اڳ شڪارپور جي رهواسي صبور ميمڻ سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي سکر ۾ جاني جنيد خلاف سوشل ميڊيا ذريعي بليڪ ميلنگ، هراسان ڪرڻ ۽ سوشل ميڊيا تي ايڊٽ ٿيل وڊيو رکي بليڪ ميل ڪرڻ سنگين الزام هنيا ويا هئا۔ جنهن تي نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي گذريل ڏينهن ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال ۾ ڪارروائي ڪندي ملزم کي گرفتار ڪيو هو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language