ڪنڊيارو:(اڱارو 19 آگسٽ 2025ع)آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ٿيل پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي رهجي ويل اميدوارن جو ڪراچي پريس ڪلب کان نڪتل پيادل لانگ مارچ ڪنڊيارو مان اڳتي اسلام آباد طرف روان دوان آهي، عبدالغفار مغيري خميس علي چنه عديل احمد منگي عاجز علي ميراڻي عرفان علي چوهاڻ جو چوڻ آهي ته اسان 46 ڏينهن تائين ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي ڪيمپ لڳائي ويٺا رهياسين، پر سنڌ حڪومت ڪو به قدم نه کنيو هاڻي وفاق کان انصاف وٺڻ لاءِ اسلام آباد پريس ڪلب طرف رخ ڪيو آهي، جيڪڏهن اتي به انصاف نه مليو ته ٻيهر ڪراچي پريس ڪلب اڳيان اچي مرڻ گهڙي تائين بُک هڙتال ڪنداسين اسان جو احتجاج آھي ته سنڌ سرڪار جي پنهنجا نوازي، ٻٽي پاليسي ۽ ميرٽ جي لتاڙ خلاف آهي. اسان سنڌ جي ساڃاهه وندن کي هڪ دفعو ٻيهر اپيل ٿا ڪريون ته اچو اسان جو ساٿ ڏيو هنن چيو ته ايندڙ آچر 24 آگسٽ تي اسان جو قافلو ٻٻرلوءِ ۾ پھچندو ان ۾ ھزارين پاس ٿيل استاد قومي شاهراهه بند ڪري ويهندا جيستائين مطالبا نه مڃيا ويندا، هنن چيو ته اسان جا صاف ۽ واضح مطالبا هي آھن ٽائيم پيرڊ وڌائي ڪري رهجي ويل اميدوارن کي ڀرتي ڪيو وڃي، هن سال جي بجيٽ مان SNE رھجي ويل پاس استادن کي ڏنو وڃي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language