welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪراچيءَ ۾ سڀاڻي اسڪول بند رهندا: سنڌ حڪومت جو اعلان

: ڪراچي (اڱارو 19 آگسٽ 2025ع)سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ سڀاڻي سڀني اسڪولن کي بند رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. صوبائي وزير تعليم سردار شاهه چيو آهي تهبرسات سبب شهر جا سمورا اسڪول سڀاڻي مڪمل طور تي بند رهندا. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمن به چيو آهي ته ڪراچي ۾ سڀئي نجي ۽ سرڪاري اسڪول بند رهندا. شرجيل ميمن وڌيڪ جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ برساتن دوران حڪومت جي سموري مشينري سرگرم آهي، ۽ نيڪال جو ڪم جاري آهي. عوام جي جان ۽ حفاظت لاءِ اهم قدم کنيان ويا آهن، تنهنڪري شهري غير ضروري طور گهرن کان ٻاهر نه نڪرن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت عوام کي اڪيلو نه ڇڏيندي ۽ شهري ڀائرن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے