welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

احتجاج ڪيس: سلمان اڪرم ۽ اعظم سواتي جي ضمانت ۾ واڌ، عاليه حمزه جي ضمانت رد

راولپنڊي:(اڱارو 19 آگسٽ 2025ع)راولپنڊي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف پنجاب جي چيف آرگنائيزر عاليه حمزه جي عبوري ضمانت رد ڪري ڇڏي، جڏهن ته سلمان اڪرم راجا ۽ اعظم سواتي جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪئي وئي. دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج امجد علي شاهه آڪٽوبر ۽ 26 نومبر جي احتجاج ڪيسز جي ٻڌڻي ڪئي. پراسيڪيوٽر سيد ظهير شاهه دليل ڏيندي چيو ته جوابدار ڄاڻي واڻي جاچ عمل ۾ اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، عاليه حمزه جي به ضمانت رد ٿي هئي پوءِ ضمانت ورتي وئي. عدالت پراسيڪيوٽر جي دليلن سان اتفاق ڪندي عاليه حمزه جي عبوري ضمانت رد ڪري ڇڏي. ضمانت حاضري تي نه اچڻ ۽ پيروي نه ڪرڻ تي رد ڪئي وئي. ٻڌڻي دوران اعظم سواتي جي وڪيل طرفان حاضري تي پيش نه ٿيڻ درخواست عدالت ۾ پيش ڪئي وئي، وڪيل درخواست ڪئي ته اعظم سواتي پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو آهي، انهي ڪري کيس حاضري کان پوءِ ڏني وڃي. عدالت درخواست کي قبول ڪندي عبوري ضمانت ۾ 27 آگسٽ تائين واڌ ڪري ڇڏي. جڏهن ته تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا عدالت جي آڏو پيش ٿيو جنهن تي عدالت سلمان اڪرم راجا جي عبوري ضمانت ۾ 3 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے