welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪراچي ۾ تيز برسات سبب مختلف علائقن ۾ ٻوڏ صورتحال، پاڻِي گهرن ۾ داخل، بجلي غائب

ڪراچي:(اڱارو 19 آگسٽ 2025ع)سانوڻي جي طاقتور سسٽم جي اثر هيٺ ڪراچي ۾ تيز برسات جو سلسلو ٻيهر شروع ٿي ويو جنهن سبب مختلف علائقن ۾ ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. شهر ۾ ٻنپهرن جي وقت ٻيهر ڪارا ڪڪر ڇائنجي ويا جنهن سبب مختلف علائقن سرجاني ٽائون، فيڊرل بي ايريا، گلشن اقبال، قيوم آباد، گلستان جوهر، ملير، شاهراهه فيصل، ناظم آباد، نيو ڪراچي ۾ تيز هوائن سان برسات شروع ٿي وئي. تيز برسات سبب شهر جي مُک روڊن سان گڏوگڏ اندروني گهٽين ۾ پاڻي جمع ٿي ويو، گلشن حديد ۾ هڪ ڪلاڪ کان تيز برسات سبب گهٽيون پاڻي هيٺ اچي ويون جنهن سبب پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو ماڻهو پنهنجو قيمتي سامان محفوظ جڳهه تي ٺڪاڻي لڳائڻ لڳا. حسن اسڪوائر، نيپا چورنگي، ضياءَ ڪالوني، گلشن شميم، لياقت آباد 10 نمبر، جيل چورنگي، ڪارساز، ڪورنگي ۽ ايڪسپريس وي سميت ڪيترن ئي هنڌن تي برسات جو پاڻي جمع ٿي ويو جنهن سبب ٽريفڪ جي روانگي به سخت متاثر ٿي. شهر جي مختلف علائقن ۾ 600 کان وڌيڪ فيڊر ٽرپ ٿيڻ سبب بجلي جي فراهمي به بند ٿي وئي، برسات کان پوءِ ڪي اليڪٽرڪ جو ڊسٽري بيوشن نظام اڃان تائين غير مستحڪم آهي. بلديه ۾ 68، بن قاسم ۾ 52 ڊفينس ۾ 50، گلشن اقبال ۾ 46، گلستان جوهر ۾ 62، ڪورنگي ۾ 59، اورنگي ۾ 82، سوسائٽي ۾ 68، سرجاني ۾ 57، لياقت آباد، ناظم آباد ۽ اوتهل بلوچستان ۾ 17 فيڊرز ۽ پي ايم ٽي ٽرپ ٿي ويا. فيڊرز جي بحالي جو ڪم اڃان تائين شروع نه ٿي سگهيو، ڪي اليڪٽرڪ جي ٽيڪنيڪل ٽيمن کي گرائونڊ ڪليئرنس نه ملڻ تي بحالي ۾ دير ٿي رهي آهي، مختلف علائقن ۾ انڊر گرائونڊ ڪيبل فالٽس ۽ سب اسٽيشن ۾ پاڻِ ڀرجڻ سبب بجلي جي فراهمي معطل آهي. سنڌ سيڪريٽريٽ جي بيرڪ نمبر 84 جي ڇت برسات سبب ڪري پئي، پر ڪنهن به قسم جو جاني نقصان نه ٿيو، بيرڪ 84 ۾ رورل ڊوالپمينٽ آفيس موجود آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سانوڻي برسات جي دوران لاڳاپيل ادارن کي هاءِ الرٽ رهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. هن برساتن کي نظر ۾ رکندي ريسڪيو ۽ انتظاميه کي متحرڪ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. وڏي وزير ڪراچي جي ميئر کي هدايت ڪئي ته برسات جي پاڻي جي فوري نيڪال لاءِ مشينري ۽ عملو متحرڪ رکيو وڃي. تيز برسات دوران عوام غير ضروري سفر کان پاسو ڪري. ياد رهي ته موسميات کاتي شهر ۾ ايندڙ 3 ڏينهن دوران تيز طوفاني برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے