
ڪراچي:(اڱارو 19 آگسٽ 2025ع)سنڌ حڪومت صوبي ۾ ڪچي جي ڌاڙيلن خلاف تيز ۽ بي رحماڻو آپريشن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪچي جي علائقن ۾ امن امان يقيني بنائڻ جي حوالي سان اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪور ڪمانڊر ڪور فائيو ليفٽيننٽ جنرل محمد دستگير، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل محمد شمريز، گهرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، ايڊيشنل آءِ جيز، سي ٽي ڊي، اسپيشل برانچ ۽ ٻين ادارن جا نمائنده شريڪ ٿيا.
سنڌ جي وڏي وزير کي ڪراچي ۾ آپريشن جي حوالي سان مختلف ادارن طرفان بريفنگ ڏني وئي. سنڌ جي وڏي وزير ڪچي ۾ فيصله ڪن آپريشن جي لاءِ گهرو وزير جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي مانيٽرنگ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي جنهن ۾ گهرو سيڪريٽري، ڊي جي رينجرز، آءِ جي پوليس ۽ ٻين ادارن جا آفيسر شامل هوندا. سنڌ جي وڏي وزير آپريشن تي عملدرآمد جي لاءِ به هڪ ٻئي اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي.
سنڌ حڪومت ڪچي ۾ آپريشن تي پنجاب حڪومت کي ڀروسي ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته حڪومت ڪچي ۾ ترقياتي ڪم ڪرائيندي، روڊ نيٽ ورڪ ٺاهيو ويندو تعليم ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪچي جي علائقي ۾ هر صورت ۾ امن امان بحال رکڻو آهي اغوا براءِ تاوان جي ڪابه واردات برداشت نه ڪئي ويندي. اڄوڪو اجلاس طلب ڪرڻ جو مقصد ڌاڙيلن کي هر صورت ۾ ختم ڪرڻ آهي. سال 2024 کان ڪچي ۾ پوليس ۽ رينجرز گڏجي آپريشن ڪري رهيا آهن چاهيان ٿو ته ڪچي جي علائقي ۾ آپريشن تيز ۽ بي رحماڻو هجي.
مراد علي شاهه چيو ته جيڪي ڌاڙيل هٿيار ڦٽا ڪندا انهن سان رعايت ڪئي ويندي. سنڌ حڪومت پوليس کي جديد هٿيارن سان ليس ڪيو آهي. ٽيڪنالاجي جي مدد سان آپريشن جا نمايان نتيجا ملي رهيا آهن وڌيڪ حاصل ڪنداسين.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪچي ۾ رهندڙ پرامن ماڻهو به امن امان چاهين ٿا عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت هر صورت ۾ يقيني بنائي ويندي فيصله ڪن آپريشن لاڙڪاڻو ۽ سکر جي ڪچي جي علائقن ۾ تيز ڪيو پيو وڃي.
سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان چيو ته ڪچي جي علائقن ۾ آپريشن جي دوران ڪجهه وقت جي لاءِ انٽرنيٽ سهوليت بند ڪئي ويندي. ڌاڙيلن جا سمورا سوشل ميڊيا اڪائونٽ به بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڪچي جي علائقن ۾ بند ڪيل موبائل ٽاورز جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language