welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

مريم نواز جاپان ۾ لاڳو هيلٿ مينجمينٽ سسٽم پنجاب ۾ متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو

ٽوڪيو:(اڱارو 19 آگسٽ 2025ع)پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جاپان ۾ لاڳو صحت، علاج ۽ هيلٿ مينجمينٽ سسٽم پنجاب ۾ متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. مريم نواز جاپان جي اسپتال نيشنل سينٽر فار گلوبل هيلٿ جو دورو ڪيو جنهن ۾ هن جديد هاءِ ٽيڪ جاپاني مشينري، اوزار، علاج جو طريقو ۽ نوازشريف ميڊيڪل ڊسٽرڪٽ کي به جاپان ۾ لاڳو صحت جي نظام جيان ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو. پنجاب جي وزيراعليٰ صوبي ۾ ذيابطيس، جگر ۽ معدي جي مرض جي علاج لاءِ جاپاني تحقيق مان فائدو کڻڻ تي اتفاق ڪيو. پنجاب جي وزيراعليٰ ۽ انهي جي وفد ميمبرن کي ذيابطيس، جگر ۽ معدي جي مرض جي جاپاني طريقه علاج جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، مريم نواز اسپتال جا مختلف شعبا ڏٺا. هن اسپتال ۾ فراهم ڪيل سهولتن ۽ مشينري جو به جائزو ورتو. پنجاب جي وزيراعليٰ جاپاني طب جي ماهرن سان به ڳالهيون ڪيون. کيس نيشنل سينٽر فار گلوبل هيلٿ ميڊيسن ۾ جگر جي علاج جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعليٰ ۽ وفد جي ميمبرن کي معدي واري مرض جي علاج جي باري ۾ به تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے