welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

عمران خان قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي عهدي لاءِ محمود اچڪزئي کي نامزد ڪري ڇڏيو

راولپنڊي:(اربع 20 آگسٽ 2025ع) پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين عمران خان پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي کي قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر نامزد ڪيو آهي. پي ٽي آءِ جي ذريعن تصديق ڪئي آهي ته عمران خان محمود خان اچڪزئي کي قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر نامزد ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي باني اڊيالا جيل ۾ ساڻس ملڻ لاءِ آيل ماڻهن کي اپوزيشن ليڊر جي نامزدگي بابت آگاهه ڪيو. ياد رهي ته 9 مئي جي ڪيسن ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران سزا ٻڌائڻ جي ڪري، پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب کي نه رڳو قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي عهدي کان محروم ڪيو ويو پر پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي سميت قومي اسيمبلي جي سڀني اسٽينڊنگ ڪميٽين مان به هٽايو ويو. عدالت جي فيصلي کان پوءِ، اليڪشن ڪميشن عمر ايوب ۽ شبلي فراز کي نااهل قرار ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو هو، جنهن جي خلاف ٻنهي اڳواڻن پشاور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے