
حيدرآباد:(اربع 20 آگسٽ 2025ع)سنڌ جي تاريخي ورثي حيدرآباد جي پڪي قلعي تي غيرقانوني قبضي خلاف حيدرآباد جا وڪيل ميدان عمل ۾ اچي ويا. ايڊووڪيٽ مير علي عاجز پاران پڪي قلعي تي غيرقانوني اڏاوتن خلاف اينٽي انڪروچمنٽ ٽرائبونل ۾ قبضا گيرن، سيڪريٽري ثقافت کاتو، ڊاريڪٽر جنرل آرڪالاجي ، ڪمشنر حيدرآباد ، ڊي سي حيدرآباد ، ايس ايس پي حيدرآباد ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.
وڪيل ايڊووڪيٽ صباحت لغاري، ايڊووڪيٽ آڪاش ڀرڳڙي، ايڊووڪيٽ شهزاد صديق مگڻيجو، ايڊووڪيٽ ذوالفقار ٿيٻو، ايڊووڪيٽ سرور وڪو، ايڊووڪيٽ فياض باجوه، ايڊووڪيٽ مسرور علي ڪانڌڙو، ايڊووڪيٽ ذيشان سومرو ۽ ٻيا پيش ٿيا. ڪورٽ سڳوري ڌُرين کي نوٽيس اماڻيندي 16 سيبٽمبر تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
وڪيلن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ حيدرآباد جو پڪو قلعو سنڌ جو تاريخي ورثو ۽ قومي اثاثو آهي. جيڪو غلام شاھ ڪلهوڙي 1766ع ۾ ٺهرايو. جنهن کان پوءِ مير فتح علي خان ٽالپر 1789ع ۾ خدا آباد کي ڇڏي هن قلعي ۾ اچي رهيو.
16 فيبروري 1843ع تي مياڻي جي جنگ ۾ مير نصير خان جي شڪست بعد 19 فيبروري 1843ع تي ڪرنل پٽيل فوج سميت حيدرآباد جي قلعي ۾ داخل ٿي صدر دروازي ٻاهران جوڙيل برج مٿان يونين جيڪ ڦڙڪائي سنڌ جي فتح جو اعلان ڪيو هو. جڏهن تہ انگريزن جي قبضي بعد هن تاريخي قلعي جو زوال شروع ٿيو. قلعي ۾ فوجي ڇانوڻي قائم ڪئي وئي هئي. جنهن جو بارود 15 فيبروري 1904ع ۾ ڌماڪي سان ڦاٽي پيو. جنهن سبب قلعي ۾ موجود عمارتن ۽ ديوار کي سخت نقصان رسيو. فوجي ڇاڻوني کي موجوده ڪينٽ واري هنڌ منتقل ڪيو ويو.
پاڪستان ٺهڻ بعد. ڀارت مان آيل مهاجرن غير قانوني طور هن تاريخي قلعي ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ تاريخي يادگارن کي ڊاهي ان مان سرون ڪڍي وڏي تعداد ۾ گهر ۽ دوڪان ٺاهيا اهڙو عمل آثارِ قديمه جي قانون جي ابتڙ آهي. ملڪ جي ڪنهن به صوبي ۾ اهڙو عمل نه ٿيو . جيڪو غيرقانوني ڪم آهي. هن تاريخي قلعي کي بچائڻ لاءِ فوري طور ڪجهه نه ڪيو ويو ته هاڻ هي مڪمل تباهه برباد ٿي ويندو. قلعي جي صدر دورازي کان ويندي باچا خان چوڪ تائين ديوار ٻاهران غيرقانوني طور تي قبصا مافيا پاران دڪانن جون قطارون ٺاهيون ويون آهن. جيڪي Antiquities Act 1975 جي سيڪشن 19 32 ۽ 33 جي مڪمل خلاف ورزي آھن.
هنن چيو تہ اسان اميد ڪريون ٿا تہ سنڌ جي هن عظيم اليشان ثقافتي ورثي جي بحالي لاءِ اسان جي ڪوشش کي سنڌ جا علمي، ادبي، ثقافتي، سياسي، سماجي حلقا سگهارو بنائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. اسان کي اها به اميد آهي ته متحده قومي مومينٽ وارا به سنڌ جي هن قديم قلعي کي بچائڻ لاءِ سنڌ جي شعور جي آواز جي حمايت ڪندا ۽ متحده جي اڳواڻن کان وٺي عام ڪارڪن تائين حيدرآباد جي سڃاڻپ واري هن قلعي کي بچائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندا. ڇاڪاڻ تہ ضرورت ان ڳالھ جي آهي تہ حيدرآباد جي قلعي کي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي اتي غير قانوني طور رهندڙن کي انساني همدردي تحت متبادل رهائش ڏني وڃي ۽ هن قلعي کي اصلوڪي حالت ۾ آڻڻ لاءِ ماسٽر پلان جوڙي وڃي ۽ لاهور جي شاهي قلعي وانگر اهڙي انداز ۾ مرمت ڪرائي وڃي جو هن قلعي جي اصلوڪي سونهن برقرار رهي سگهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language