welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪراچي؛ اورنگي ٽائون مومن آباد ۾ 3 ماڙ عمارت ڪري پئي، ڪيترائي ماڻهو ملبي هيٺيان دٻجي ويا

ڪراچي:(اربع 20 آگسٽ 2025ع)ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون مومن آباد ۾ 3 ماڙ عمارت ڪري پئي، شروعاتي رپورٽن موجب عمارت جي ملبي مان 4 ڄڻن کي زخمي حالت ۾ ڪڍيو ويو آهي. رپورٽ موجب ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون مومن آباد ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي جتي 3 ماڙ عمارت ڪري پئي عمارت جي ملبي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي دٻجي وڃڻ جا اطلاع آهن. عمارت ڪرڻ کان پوءِ ريسڪيو اهلڪار واقعي واري هنڏ پهتا جڏهن ته پوليس به موقعي تي پهچي رهي آهي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي. گذريل ڏينهن جي طوفاني برسات کان پوءِ شهر ۾ ٻوڏ صورتحال رهي انهي دوران زبون حال عمارت کي سخت خطرا پيدا ٿي ويا آهن. ياد رهي ته جولاءِ جي مهيني ۾ ڪراچي ۾ لياري جي علائقي بغدادي ۾ 5 ماڙ زبون حال رهائشي عمارت پٽ پئجي وئي هئي. حادثي ۾ 10 ڄڻا فوت جڏهن ته 9 زخمي ٿي پيا هئا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے