
ڪراچي:(اربع 20 آگسٽ 2025ع)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي ۾ برسات دوران جمع ٿيل پاڻي جي نيڪال تي ادارن جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن هاڻ 100 ملي ميٽر جي برسات جي نيڪالي جو نظام ٺاهڻو آهي ته پورو شهر کوٽڻو پوندو.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي جي علائقي نرسري ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته موسمياتي تبديلي جا اثر پوري دنيا تي پيا آهن، گذريل هفتي خيبرپختونخواهه ۽ گلگت ۾ برسات سبب 400 ڄڻا فوت ٿيا. هن چيو ته لاهور ۽ ممبئي ۾ برسات سبب شهر ٻڏي ويا، ڪالهه ڪراچي ۾ 12 ڪلاڪن جي دوران گڏيل طور تي 200 ملي ميٽر يا انهي کان وڌيڪ برسات رڪارڊ ڪئي وئي. هن چيو ته شهر ۾ پاڻي جمع ٿي ويو پر اوهان ڏسو نالي وهي رهيا آهن، ڇا نالن جي صفائي رات وچ ۾ ٿي آهي، اهو غلط آهي سنڌ حڪومت تياري ڪري رکي هئي پر ميڊيا ٻڌائي رهيو هو ته شهر ٻڏي ويو ۽ انتظاميه موجود نه هئي جيڪو سراسر ڪوڙ آهي.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سموري انتظاميه، بلدياتي ادارن جو عملو ۽ مان پاڻ روڊن تي آهيان، ممبئي شهر به برسات کان پوءِ هاڻ سڪي ويو، عوام جي مدد ڪئي پئي وڃي، برسات جو پاڻي به نيڪال ٿي رهيو آهي. هن چيو ته اڄ اسان عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي پر ماڻهو پوءِ به ٻاهر نڪتل آهن، هن وقت تائين اڌ ڪلاڪ جي برسات پئي آهي جيڪڏهن وڌيڪ برسات پئي ته اهي ماڻهو وڌيڪ تڪليفن ۾ اچي ويندا.
وڏي وزير چيو ته ماڻهن کي پاڻ به خيال رکڻ گهرجي، موڪل جو مطلب آهي ته گهرن تي رهو، سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ميڊيا تي چيو پيو وڃي ته 14 انڊر پاس ٻڏي ويا، برسات پوندي ته پاڻي جمع ٿيندو، برسات بيهندي ته پاڻي ڪڍي ڇڏينداسين، اسان جون غلطيون به هونديون پر حڪومت ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته ميڊيا سٺو ڪم به ڪيو، تيز برسات جون وزيول ڏيکاريون، عوام کي خبر پئي ته شهر ۾ نڪرڻ صحيح نه آهي.
مراد علي شاهه چيو ته لوڪل باڊيز، پوليس ۽ انتظاميه ڪم ڪندي نظر اچي رهيون آهن، ڪراچي جي نيڪالي جو نظام ايتري وڏي برسات جي لاءِ ڊيزائن ناهي ڪيو، جيڪڏهن هاڻ 100 ملي ميٽر جي برسات جي نيڪالي جو نظام ٺاهڻو آهي ته پورو شهر کوٽڻو پوندو.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته 1.6 بلين ڊالر 500 ارب روپيه اسان تي ورلڊ بينڪ جي فيسبلٽي آهي، جنهن مان 100 ارب روپيه مليا آهن. اسان انهن فنڊز مان ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ سيوريج جو نظام صحيح ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڪراچي ۾ روڊ ڪٽنگ جي هر ادارو اجازت ڏئي ٿو. روڊ ڪٽنگ جي ڪري برسات دوران مسئلا ٿيندا آهن. هاڻ روڊ ڪٽنگ اٿارٽي ٺاهي رهيا آهيون جيڪا روڊ ڪٽنگ جي اجازت ڏيندي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language