
ڍاڪا:(آچر 24 آگسٽ 2025ع)نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پنهنجي دوري دوران بنگلاديش جي پرڏيهي صلاحڪار سان ملاقات ڪئي جنهن دوران گڏيل لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بنائڻ جو ارادو ظاهر ڪيو ويو جڏهن ته انهي دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ 6 معاهدا طئي ٿي ويا.
پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻنهي ڌرين ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي غور ڪيو جنهن ۾ اعليٰ سطحي رابطه، واپار، اقتصادي تعاون، عوامي رابطه، ثقافتي ڏي وٺ، تعليم ۽ استعدادڪار ۾ تعاون ۽ انساني همدردي جا مسئلا شامل هئا.
ملاقات ۾ سارڪ جي بحالي، فلسطين مسئلي ۽ روهنگيا جي مسئلي جي حل سميت علاقائي ۽ عالمي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستاني وفد جي قيادت نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪري رهيو آهي، بنگلاديش طرفان وفد جي قيادت ايڊوائرزر پرڏيهي معاملا محمد توحيد حسين ڪري رهيو آهي.
ڳالهين ۾ ٻطرفن لاڳاپن، اقتصادي، واپاري تعاون ۽ علاقائي مسئلن تي به تفصيلي ڳالهيون جاري رهيون. سارڪ جي بحالي ۽ خطي ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي. ڳالهين ۾ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپيل شعبي جون اعليٰ اختياريون به شريڪ آهن.
جنهن کان پوءِ نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ بنگلاديش جي پرڏيهي معاملن واري ايڊوائيزر جي نگراني ۾ اهم معاهدن تي صحيحن جي تقريب ٿي انهي دوران پاڪستان ۽ بنگلاديش ٽوٽل 6 اهم معاهدن ۽ ايم او يو ايس تي صحيحون ڪيون. جن معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون آهن انهن ۾ سفارتڪارن ۽ حڪومتي اهلڪارن جي لاءِ ويزا ختم ڪرڻ، ٻنهي ملڪن جي فارن سروس اڪيڊمين جي وچ ۾ ايم او يو ايسوسي اينڊ پريس آف پاڪستان(اي پي پي) ۽ بنگلاديش سنگبناد سنگستها(بي ايس ايس) جي وچ ۾ معاهدو شامل آهي.
انهي کان علاوه انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آباد ۽ بنگلاديش انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل اينڊ اسٽريٽيجڪ اسٽڊيز، ٽريڊ جوائنٽ ورڪنگ گروپ جي دوران ايم او يو ۽ ثقافتي تبادلي جي پروگرام(2025-2028) تي صحيحون ڪيون ويون.
هوڏانهن نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي بنگلاديش جي دوري دوران ٻطرفي واپار، سرمايه ڪاري ۽ اقتصادي تعاون تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون.
ڍاڪا ۾ نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير جي اهم واپاري ملاقات پڻ ٿي جنهن ۾ پاڪستان جو واپار وارو وزير به شريڪ ٿيو. نائب وزيراعظم جي ملاقات بنگلاديش جي ڪامرس ايڊوائيزر شيخ بشيرالدين سان ملاقات ۾ اعليٰ اختياريون ۽ بنگلاديش جي سرڪاري، واپاري ادارن جا سربراهه به شريڪ ٿيا.
گورنر بنگلاديش بينڪ، ايگزيڪٽو چيئرمين بنگلاديش انويسٽمينٽ ڊوالپمينٽ اٿارٽي، چيئرمين ٽريڊنگ ڪارپوريشن، چيئرمين سول ايوي ايشن اٿارٽي ۽ ايڪٽنگ وائس چيئرمين ايڪسپورٽ پروموشن بيورو شرڪ ٿيا. بنگلاديش جو سيڪريٽريز ڪامرس، ايوي ايشن، چيئرمين نيشنل بورڊ آف روينيو به موجود هئا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language