
اسلام آباد:(آچر 24 آگسٽ 2025ع)ملڪ جي مختلف شهرن ۾ تيز برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو، اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ تيز برسات جي نتيجي ۾ بهاره ڪهواڻهال چوڪ پاڻي ۾ ٻڏي ويو.
اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ تيز برسات کان پوءِ ندي نالن ۾ چاڙهه اچي وئي. تيز برسات سبب اسلام آباد جو علائقو بهاره ڪهواڻهان چوڪ پاڻي ۾ ٻڏي ويو، پاڻي گهرن ۽ دڪانن ۾ داخل ٿي ويو. مختلف هنڌن تي ڪيتريون ئي گاڏيون ڦاسي ويون.
اسلام آباد ۾ تيز برسات کان پوءِ راول ڊيم جا اسپيل کوليا ويا، تيز برسات سبب مارگله هلز تي ٽريل 2، 3، 4 ۽ 5 اڄ بند رهندا. جڏهن ته سيد پور ڳوٺ جي پٺيان واقع ٽريل به بند رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
پنجاب جي شهرن چيچه وطني، حافظ آباد، چنيوٽ، گجرات، ڪماليه، ڪوٽ ادو ۽ گوجره سميت مختلف علائقن ۾ برسات سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا. هوڏانهن پشاور، اتر، ڏکڻ وزيرستان سميت خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ برسات پئي آهي.
ڊيره اسماعيل خان ۾ طوفاني هوائن سان تيز برسات پئي ڇتون ڪرڻ سميت مختلف واقعن ۾ 7 ڄڻا فوت ۽ 40 زخمي ٿي پيا. ڊيره اسماعيل خان ۾ مختلف علائقن ۾ وڻ اکڙجي ويا، تارون ٽٽي ويون جنهن سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي سپلاءِ معطل ٿي وئي. مردان ۾ به برسات دوران ڪمري جي ڇت ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا.
ٻئي طرف اسڪردو ۾ اڄ کان تيز برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، انهي حوالي سان اختيارين عوام ۽ سياحن کي غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. گلگت درياءَ جي وهڪرن ۾اضافي جي امڪان کي نظر ۾ رکندي درياءَ سان لاڳاپيل سمورن هوٽلن کي بند ڪيو ويو جڏهن ته درياءَ تي ڪناري تي موجود تعليمي ادارا سومر تائين بند رهندا.
ياد رهي ته نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي(اين ڊي ايم اي) 30 آگسٽ تائين ملڪ جي مختلف علائقن ۾ تيز برسات جو الرٽ جاري ڪري رکيو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language