
لاھور:(آچر 24 آگسٽ 2025ع)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي رائيونڊ ۾ تبليغي مرڪز جو دورو ڪيو، جتي هن تبليغي جماعت جي عالمن سان ملاقات ڪئي ۽ اجتماع لاءِ ايندڙ پرڏيهي وفد جا ويزا مسئلا حل ڪرائڻ جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي.
ملاقات ۾ مولانا محمد احمد بٽلر، مولانا عبيدالله خورشيد، ڊاڪٽر سليم، انوار غني، ميان احسن، ڊاڪٽر نديم اشرف، مولانا عامر احسان، مولانا امجد فاروق، شبير احمد عثماني، مفتي عرفان ۽ بريگيڊيئر(ر) مصدق شريڪ هئا.
انهي موقعي تي نومبر ۾ منعقد ٿيل عالمي تبليغي اجتماع جي انتظامن جي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. تبليغي جماعت جي اڪابرين گهرو وزير کي اجتماع جي تيارين کان آگاهه ڪيو. محسن نقوي تبليغي جماعت جي دين اسلام کي اڳيان وڌائڻ جي لاءِ خدمتن جي تعريف ڪندي يقين ڏياريو ته اجتماع جي لاءِ پرڏيهي ملڪن کان ايندڙ وفد کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون.
هن چيو ته جتي به ويزا جو مسئلو ٿيو انهي کي اوليت جي بنيادن تي حل ڪرايو ويندو. تبليغي اجتماع ۾ شرڪت جي لاءِ ايندڙ وفد اسان جا معزز مهمان آهن، انهن جي لاءِ هر سطح تي آسانيون پيدا ڪيون وينديون. هن ٻڌايو ته هو هر سال باقاعدگي سان تبليغي اجتماع ۾ شرڪت ڪندا آهن ۽ هن سال به شرڪت ڪندا. مولانا محمد احمد بٽلر انهي موقعي تي چيو ته سڀني کي الله تعاليٰ طرف واپس موٽڻو آهي، اسان کي دين اسلام ۽ انسانيت جي خدمت کي اوليت ڏيڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته رب پاڪ جي ٻڌايل رستي تي هلڻ سان ئي ڀلائي ۽ ڪاميابي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language