مٽياري:(آچر 24 آگسٽ 2025ع)مٽياري ۾ سنڌو درياهه جي وڌندڙ پاڻي سبب ڪچي جا رهواسي سخت مشڪلاتن جو شڪار آهن، ڪيترائي خاندان پنهنجا گهر ڇڏي لڏپلاڻ تي مجبور ٿي ويا آهن۔
مٽياري ۾ درياهه جي پاڻي ۾ واڌ سبب ڪچي علائقي جا 70 خاندان پنهنجا گهر ڇڏي پڪا تي اچي ويٺا آهن، جتي لڳ ڀڳ اڍائي سئو ماڻهو بي يارو مددگار زندگي گذاري رهيا آهن۔
متاثرن جو چوڻ آهي ته کين خوراڪ ۽ صاف پاڻي جي سخت کوٽ آهي، جڏهنته ٻار پيٽ جون بيماريون، خارش، مليريا ۽ گيسٽرو ۾ مبتلا ٿي ويا آهن۔ سندن چوڻ آهي ته پنهنجي مدد پاڻ تحت لڏ پلاڻ ڪئي آهي، جنهن دوران مال مويشي به مرِي ويا ۽ وڏو نقصان ٿيو آهي۔
متاثر ٿيل خاندانن مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي ميڊيڪل ٽيمون موڪليون وڃن، ڇوتہ صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي بڻجي رهي آهي۔ متاثرن وڌيڪ چيو ته ڪچي جا بند به سخت زبون حال آهن ۽ ڪيترن هنڌن تان ڀڃ ڊاهه جو شڪار آهن، جيڪڏهن پاڻي جو دٻاءُ وڌيو ته وڏو نقصان ٿيڻ جو خطرو آهي۔ ٻئي پاسي آبپاشي کاتي جو عملو به اڃا تائين نه پهتو آهي ۽ حفاظتي پهيه تعمير نه ٿي سگهيا آهن۔
0 تبصرے
Do not use vulgar language