گجرات:(آچر 24 آگسٽ 2025ع)گجرات ۾ ڪرڪيٽ ميچ دوران اوور نه ڏيڻ تي فائرنگ سبب 2 سڳا ڀائر مارجي ويا جڏهن ته سندن مامو سخت زخمي ٿي پيو آھي.
گجرات پوليس موجب اهو واقعو هڪ هفتو اڳ مهسم جي علائقي ۾ پيش آيو جتي ڪرڪيٽ ميچ جي دوران اوور نه ڏيڻ جي تڪرار تي فائرنگ ڪئي وئي.
پوليس ٻڌايو ته جوابدار اوور نه ڏيڻ تي ڪپتان، انهي جي ڀاءُ ۽ مامي تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ٽيم جو ڪپتان گرائونڊ ۾ ئي فوت ٿي ويو جڏهن ته ٻيو نوجوان زخمي ٿي پيو جنهن کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو پر هاڻ اطلاع آهن ته فائرنگ سبب زخمي ٿيل ٻيو نوجوان به زخمن جي سٽ نه سهندي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.
پوليس موجب مقتول ڪپتان جو ڀاءُ ۽ مامو هڪ هفتي کان اسپتال ۾ علاج هيٺ هئا جڏهن ته واقعي ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language