welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پنجويھ مخصوص سيٽن تي گورنر کان ورتل حلف غير آئيني هو: اسپيڪر خيبرپختونخواهه

پشاور:(آچر 24 آگسٽ 2025ع)خيبرپختونخاهه اسيمبلي جي اسپيڪر بابر سليم سواتي چيو آهي ته 25 مخصوص سيٽن تي گورنر جو ورتل حلف غير آئيني هو، سڀاڻي آئين، قانون جي تحت ٻيهر حلف ورتو ويندو. رپورٽ موجب خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي اسپيڪر بابر سليم سواتي صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته اسيمبلي ميمبرن کان حلف وٺڻ اسپيڪر جي ذميواري آهي مون ڪڏهن به ناهي چيو ته مان حلف نه وٺندس. هن چيو ته ڪورو پورو نه ٿيڻ تي گذريل اجلاس ملتوي ٿيو هو. 25 مخصوص سيٽن تي گورنر جو ورتل حلف غير آئيني هو، آئين، قانون جي تحت ٻيهر حلف ورتو ويندو. خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته گورنر جي غيرقانوني حلف وٺڻ تي چيف جسٽس پاڪستان کي خط لکيو هو. هن چيو ته برسات ۾ ٿيل نقصانن جي ازالي لاءِ سمورن ادارن گڏجي ڪم ڪيو، وڏي وزير علي امين گنڊاپور سمورن متاثر علائقن جو دورو ڪيو. بابر سليم سواتي وڌيڪ چيو ته صوبائي حڪومت متاثرين جي امداد ٻيڻي ڪري ڇڏي آهي. ياد رهي ته 20 جولاءِ 2025 تي خيبرپختونخواهه ۾ مخصوص سيٽن تي 25 چونڊيل اسيمبلي ميمبرن گورنر هائوس پشاور ۾ ڪوٺايل تقريب ۾ حلف کنيو هو، گورنر خيبرپختونخواهه فيصل ڪريم ڪنڊي عورتن ۽ اقليتي مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبرن کان حلف ورتو هو. هوڏانهن خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽن تي نامزد ميمبرن جي حلف برداري ٿي هئي، پر پي ٽي آءِ جي شير علي آفريدي ڪورم جي نشاندهي ڪي ڇڏي، جنهن کان پوءِ اسيمبلي جو اجلاس 24 جولاءِ تائين ملتوي ڪيو ويو هو. صوبائي اسيمبلي جو اجلاس ملتوي ٿيڻ سبب سينيٽ چونڊون به ملتوي ٿي ويون هيون، پر اپوزيشن پارٽين جي ميمبرن پشاور هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪري مخصوص سيٽن تي نامزد ميمبرن جي حلف برداري لاءِ ڪنهن کي نامزد ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي. چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ جسٽس ايس ايم عتيق اپوزيشن جي درخواست منظور ڪندي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي کي حلف وٺڻ جو حڪم ڏنو هو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے