
گھوٽڪي:(آچر 24 آگسٽ 2025ع)سنڌ ۽ پنجاب جي دريائن ۾ پاڻي جي سطح بلند ٿيڻ سبب ٻوڏ صورتحال برقرار آهي، ٻوڏ جي پاڻي سبب سوين ڪچا گهر درياءَ حوالي ٿي ويا، جڏهن ته هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويا، ماڻهن جي محفوظ هنڌن ڏانهن لڏ پلاڻ جو سلسلو جاري آهي. بهاوالنگر ۾ ٻوڏ وهڪرن ۾ لڙهي ويل ٻار سميت 2 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا.
سنڌ ۽ پنجاب جي دريائن ۾ ٻوڏ صورتحال برقرار آهي، بهاوالنگر ۾ ستلج درياءَ ۾ گنڊاسنگهه جي هنڌ تي وڏو سيلاب آهي جنهن سبب ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا. ريسڪيو ٽيمن وهڪرن ۾ لڙهي ويل بونگه جي رهواسي 28 ورهين جي ڪاشف ۽ 7 ورهين جي نويد جا لاش پاڻي مان ڪڍي ورتا.
سيالڪوٽ جي ڊيڪ نالي ۾ به ٻوڏ صورتحال آهي ڊيڪ نالي جو پاڻي ويجهن ڳوٺن ۾ داخل ٿيڻ سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويا. رحيم يار خان پنجاب ۾ ٻوڏ سبب 400 ڪچا گهر درياءَ حوالي ٿي ويا جڏهن ته هزارين ايڪڙ تي فصل تباهه ٿي ويا آهن. وهاڙي ۾ به ٻوڏ جي پاڻي سبب مختلف ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا. ليه جي تعلقي کهروڙ لعل عيسن ۾ ٻوڏ کان پوءِ درياءَ جي پاڻي ۾ ڪٽ هڻڻ جو سلسلو جاري آهي.
گهوٽڪي ۾ به سنڌو درياءَ جي سطح بلند ٿيڻ سبب ڪچي جا ڪيترائي ڳوٺ ۽ فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. عارضي حفاظتي بند ٽٽڻ سبب ڪچي جا ڪيترائي علائقا ٻڏي ويا. سنڌو درياءَ گڊو بيراج جي هنڌ تي پاڻي جي سطح ۾ وڌيڪ اضافي کان پوءِ ڪشمور ۾ ٻوڏ صورتحال برقرار آهي. ٻئي پاسي پي ڊي ايم اي پنجاب جهلم درياءَ، چناب، راوي، ستلج ۽ ان سان لاڳاپيل ندي نالن ۾ ٻوڏ ۽ پاڻي ۾ چاڙهه جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language