welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

گڊاني جو سمنڊ جو پاڻي گلابي ٿي ويو، سبب به سامهون اچي ويو

حب:(ڇنڇر 02 آگسٽ 2025ع)گڊاني جيٽي جو سمنڊ جو پاڻي گلابي ٿي ويو آهي. گڊاني جيٽي جي پاڻي جي غير معمولي حالت ڏسڻ کان پوءِ مقامي ماڻهو، ماهيگير ۽ سياح پريشان آهن، جڏهن ته، بلوچستان جي ماحولياتي تحفظ واري کاتي پاران ان حوالي سان هڪ بيان ڏنو ويو آهي. بلوچستان جي ماحولياتي تحفظ واري کاتي جي رپورٽ موجب، گڊاني جيٽي جو پاڻي آلودگي سبب گلابي ٿي ويو آهي. جيٽي جي پاڻي جي رنگ ۾ تبديلي سبب، هڪ بدبو پڻ پکڙجي رهي آهي. ان حوالي سان ڊپٽي ڊائريڪٽر ماحوليات عمران ڪاڪڙ جو چوڻ آهي ته جيٽي ۾ پاڻي ڪافي عرصي کان جمع هو ۽ حياتياتي تبديلين جي ڪري پاڻي جو رنگ تبديل ٿي ويو. ماحولياتي تحفظ واري کاتي جي رپورٽ موجب سمنڊ جي پاڻي جي گلابي رنگ جو سبب خوردبيني جاندارن ۾ تبديلي آهي، جنهن کي نظر ۾ رکندي ماڻهن کي پاڻي کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے