
ڪراچي:(آچر 17 آگسٽ 2025ع)ڪراچي جي ميئر بيرسٽر مرتضيٰ وهاب ڇنڇر جي ڏينهن سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري جي تازي بيان تي تنقيد ڪندي وزيراعظم کان مطالبو ڪيو ته هو گورنر جي سياسي سرگرمين ۾ مداخلت جو فوري طور تي نوٽيس وٺي.
رپورٽ موجب ڪورنگي ضلعي ۾ ڪيترن ئي ترقياتي منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته ڇا ڪو گورنر سياست ۾ ملوث ٿي سگهي ٿو؟ گورنر کي ڪنهن به سياسي پارٽي جو جهنڊو نه کڻڻ گهرجي، گورنر کي پاڪستان زنده باد جو نعرو لڳائڻ گهرجي نه ئي وري ڪنهن پارٽي جي نمائندگي ڪرڻ گهرجي.
هن گورنر ٽيسوري جي انهي تازي بيان تي تنقيد ڪئي جنهن ۾ هن بهائي جي واپسي ۽ پراڻي ايم ڪيو ايم جي بحالي جي ڳالهه ڪئي. ميئر چيو ته شايد گورنر پاڻ کي ئي بهائي سمجهي ٿو. هن چيو ته ڏٺو وڃي ته صدر ۽ گورنر جو عهدو غير سياسي هوندو آهي انهي لاءِ وزيراعظم کي انهي معاملي جو فوري طور تي نوٽيس وٺڻ گهرجي. ميئر وهاب چيو ته عوامي سهوليت ۽ شهري ترقي منهنجي اولين ترجيح آهي.
هن چيو ته اڄ جو ڪراچي بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ تبديل ٿي رهيو آهي عوام پاڪستان پيپلز پارٽي تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪري رهي آهي، اسان بنا ڪنهن تعصب جي خدمت ڪري رهيا آهيون، اسان کي پرواهه ناهي ته ڪهڙي يوسي ڪنهن جي آهي، جيڪڏهن اتي ڪراچي جا شهري رهن ٿا ته بلاول ڀٽو جي پارٽي ضرور خدمتون فراهم ڪندي. اسان ڪورنگي جي عوام جي خدمت کي هڪ موقعو سمجهون ٿا ۽ انهي جي لاءِ پرجوش آهيون.
ميئر انهي ڳالهه تي روشني وڌي ته نئين حب ڪينال جي تڪميل سان 22 سالن کان پوءِ ڪراچي جي پارٽي جي بنيادي ڍانچي ۾ بهتري آئي آهي، هن چيو ته اها انهن ماڻهن جي منهن تي چماٽ آهي جن صرف واعدا ڪيا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language