welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ٺٽو ڀرسان خوفناڪ روڊ حادثو: تيز رفتار ٽرالر موٽرسائيڪل سوارن مٿان چڙهي ويو، 3 ڄڻا فوت

ٺٽو:(آچر 17 آگسٽ 2025ع)ٺٽي ۾ ھانءُ ڏاريندڙ حادثو، ٺٽو سجاول روڊ تي مُحسن ھائوس اڳيان ٽرالر موٽر سائيڪل سوار ڪُٽنب مٿان چڙھي ويو، جنھن جي نتيجي ۾ معصوم ٻارڙي سميت 3 ڄڻا موقعي تي چيڀاٽجي فوت ٿي ويا، سمورن فوتين جا لاش سول اسپتال مڪلي منتقل ڪيا ويا آھن، حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي سڃاڻپ بلڙي شاھ ڪريم جي ڳوٺ قاسم شاھ واسي ارشاد ولد منا شاھ، ڪارو ولد اعجاز شاھ ۽ شھناز ڌيء امير شاھ طور ٿي آھي، جن جا لاش ٺٽو پوليس ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيا. ٺٽو پوليس ڪاروائي دوران ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي ٽرالر ڊرائيور ميلا خان ولد مروت خان پٺاڻ کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪرڻ بعد وڌيڪ جانچ شروع ڪري ڇڏي آھي، جڏھن تہ حادثي ۾ موٽر سائيڪل مڪمل طور ٽٽي تباھ ٿي ويئي اھي. ياد رھي تہ ڪجھ ڏينھن اڳ ساڳئي ھنڌ تي ٺٽي جي رھواسي ٽن موٽر سائيڪل سوار نوجوانن مٿان ٽرالر چڙھي ويو ھو، جنھن ۾ جاکرا برادري جا 2 نوجوان ۽ ھڪ بروھي برادري جو نوجوان زندگي وڃائي ڇڏي ھئي، ان کانسواء بہ ڪافي حادثا تيز رفتار ٽرالرن پاران ڪري انساني جانيون ضايع ڪري ڇڏيون آھن، پر انھن خلاف ڪابہ موثر ڪاروائي ٿي ناھي سگھي، ٻئي طرف مقامي رھواسين پاران پھلوان محمد بخش کوسو جي اڳواڻي ۾ ٺٽو/سجاول روڊ تي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪندي سخت نعريبازي ڪندي چيو تہ ھتي ڳرن ٽرالرن خلاف ڪاروائي نہ ٿيڻ ڪري اھي روز حادثا ڪري انساني جانيون پيا ضايع ڪن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے