بونير:(آچر 17 آگسٽ 2025ع)ٻوڏ وهڪرن ۽ ڪڪر ڦاٽڻ سبب بونير جي سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ علائقي قادر نگر جي خصوصي ڪوريج لاءِ نجي ٽي وي جي ٽيم پهچي وئي. قادر نگر ۾ ٻوڏ وهڪرن ۾ لڙهي 84 ڄڻا فوت ٿي ويا. فوت ٿي ويلن ۾ هڪ ئي خاندان جا 21 ڄڻا به شامل آهن.
شادي جي تياري ۾ مصروف خاندان جون خوشيون به ٻوڏ جو پاڻي لوڙهي ويو، ڪيترن جا لاش ملي ويا جڏهن ته ڪجهه هن وقت تائين گم آهن.
ياد رهي ته تازو برساتون، ڪڪر ڦاٽڻ جي واقعن ۽ ٻوڏ وهڪرن سبب هينئر تائين خيبرپختونخواهه ۾ 328 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي. خيبرپختونخواهه جي سڀني کان وڌيڪ متاثر ضلعن ۾ بونير پهرين نمبر تي آهي جتي وڏي پيماني تي جاني، مالي نقصان ٿيو. 200 کان وڌيڪ فوت ٿي ويا. جڏهن ته ڪيترائي زخمي آهن. ڪيترائي گهر تباهه ٿي ويا. جڏهن ته چوپايو مال به ٻوڏ وهڪرن ۾ لڙهي ويو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language