
پشاور:(آچر 17 آگسٽ 2025ع)خيبرپختونخواهه جي ضلعي بونير جي ضلعي انتظاميه آچر تي ٻوڏ سبب متاثر علائقن جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪلائوڊ برسٽ ۽ ٻوڏ سبب فوتين جو انگ 400 کان وڌي ويو آهي.
ڊپٽي ڪمشنر بونير ڪاشف قيوم موجب تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ضلعي بونير ۾ وڏي پيماني تي تباهي مچائي ڇڏي آهي جنهن جي نتيجي ۾ 400 ڄڻا فوت، 671 زخمي ٿي پيا آهن.
ڊپٽي ڪمشنر ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته تباهي جي شدت تمام گهڻي آهي 401 فوتگيون، 671 زخمي ۽ 4 هزار 54 چوپائي مال جي نقصان جي تصديق ٿي چڪي آهي.
سرڪاري رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 2 هزار 300 گهر مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا جڏهن ته 413 گهرن کي جزوي نقصان پهتو آهي. تعليمي ڍانچو به سخت متاثر ٿيو آهي، 6 سرڪاري اسڪول به ٻوڏ جي پاڻي ۾ لڙهي ويا آهن.
قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ عوامي خدمتون به محفوظ نه رهي سگهيون. 2 ٿاڻا ٻوڏ جي پاڻي ۾ لڙهي ويا، 639 گاڏيون تباهه ٿيون، 127 دڪانون مڪمل طور تي پٽ پئجي ويون 824 کي جزوي نقصان پهتو. ڊپٽي ڪمشنر تصديق ڪندي چيو ته 2 وڏا پل مڪمل طور تي لڙهي ويا. جڏهن ته 4 پلن کي جزوي نقصان پهتو آهي. صحت جون سهولتون به متاثر ٿيون ۽ 3 سرڪاري اسپتالن کي جزوي نقصان پهتو.
ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته ريسڪيو ۽ امدادي ڪارروايون مشڪلاتن جي باوجود جاري آهن. اسان جون ٽيمون ڏينهن رات ڪم ڪري رهيون آهن ته جيئن فوري امداد مهيا ڪري سگهجي پر نقصان تمام گهڻو آهي بحالي ۾ وقت لڳندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language