welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ميرپورخاص: پوليس اهلڪار جو لاش سندس گهر جي ڇت تان هٿ، جاچ شروع

ميرپور:(آچر 17 آگسٽ 2025ع)ميرپورخاص ۾ پوليس اھڪار جو لاش سندس گھر جي ڇت مٿان ھٿ، واقعي واري جاءِ تي رت جا نشان به موجود آهن سيٽلائيٽ ٽائون ٿاڻي جي حد محمود آباد واري علائقي ۾ پوليس ڪانسٽيبل جمال سومرو جو لاش سندس گھر جي ڇت مٿان ھٿ آيو آھي. اطلاع ملڻ تي حد جي پوليس پڻ واقعي واري جاءِ تي پھچي وئي، آھي، جنھن لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال ميرپورخاص پھچايو. اکين ڏٺن شاھدن موجب گھر ڇت تي رت جا نشان پڻ مليا آھن. ان ڏس ۾فوتي جي سئوٽ عرفان ۽ اڪبر علي موجب علائقي واسين اسان کي اطلاع ڏنو، جنھن کان پوءِ اسان ھتي پهتاسين ته جمال جو لاش پيل ھو، جيڪو پراڻو لڳي رھيو آھي. ھنن موجب ڪجھ علائقي واسي ٻڌائي رھيا آھن ته ھنن جمال کي 14 آگسٽ تي ڊيوٽي ڪندي ڏٺو ھو. فوتي جي وارثن موجب جمال سومرو ڊي ايس پي شجاع آباد وٽ گن مين طور ڊيوٽي ڪندو ھو. ذريعن موجب فوتي جا ٻيا گھر ڀاتي 3 ڏينھن اڳ ۾ پنھنجي ويجھن مائٽن وٽ ويل ھئا.ھوڏانھن پوليس پاران جاچ دوران اھو چيو ويو آھي ته پوليس اھلڪار کي پويان کان گولي لڳل آھي جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته واقعو قتل آھي وڌيڪ جاچ جاري آھي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے