
لوڌران:(آچر 17 آگسٽ 2025ع)لاهور کان ڪراچي ويندڙ عوام ايڪسپريس لوڌران ريلوي اسٽيشن ڀرسان وڏي حادثي جو شڪار ٿي وئي، جنهن دوران ٽرين جون 6 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون، ريسڪيو اختيارين موجب حادثي ۾ هڪ مسافر فوت جڏهن ته 21 زخمي ٿي پيا.
شروعاتي جاچ موجب ٽرين لوڌران جنڪشن تي نه رڪجي سگهي جيڪا ٽريڪ تي پهريان کان بيٺل مال گاڏي جي انجڻ سان ٽڪرائجي وئي.
اکين ڏٺهن شاهدن موجب حادثي کان پوءِ موقعي تي خوفناڪ منظر ڏسڻ ۾ آيا، مسافرن جي دانهن سان فضا گونجي اٿي، بوگين ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ جي لاءِ ريسڪيو ٽيمن فوري ڪارروائي ڪئي.
ريسڪيو 1122، پوليس ۽ ضلعي انتظاميه رليف اينڊ ريسڪيو آپريشن مڪمل ڪري ورتو آهي، جڏهن ته زخمين کي فوري طور تي لودهران ڊسٽرڪٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي ڪيترن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر لبنيٰ نذير جي هدايت تي اسسٽنٽ ڪمشنر ارم شهزادي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ ٽرين حادثي جي زخمي مسافرن جي عيادت ڪئي ۽ انهن کي ناشتو به ڏنو. لوڌران ٽرين جي مسافرن جي آرام لاءِ ميونسپل اسٽيڊيم ۾ انتظام مڪمل ڪيا ويا. ڊپٽي ڪمشنر لوڌران حادثي واري جڳهه تي ريسڪيو آپريشن جي نگراني ڪئي. فوت ٿي ويل مسافر جي سڃاڻپ وقاص جي نالي سان ٿي آهي جيڪو خوشاب جو رهواسي هو.
حادثي سبب ڊائون ٽريڪ بند ٿي ويو. ريلوي عملي کي امدادي ڪم جلد مڪمل ڪري ڊائون ٽريڪ بحال ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، حادثي واري ٽرين جي مسافرن کي متبادل ٽرين سان گڏ منزل طرف روانو ڪيو ويو. ريلوي واري وزير حادثي جي جڳهه تي انڪوائري جو حڪم ڏيندي 7 ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language