welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

حافظ آباد: اڻڄاتل جوابدارن 3 ڄڻن کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ کان پوءِ باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو

حافظ آباد:(آچر 17 آگسٽ 2025ع)پنجاب جي ضلعي حافظ آباد ۾ خوفناڪ ۽ ڇرڪائيندڙ واقعو پيش آيو جتي اڻڄاتل هٿياربندن هڪ ڪار تي فائرنگ ڪري 3 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ جوابدارن مارجي ويلن جي لاشن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. پوليس موجب واقعو اسدالله پور جي ڀرسان پيش آيو جتي دشمني جي بنياد تي گاڏي تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي وئي. مارجي ويلن ۾ محمد حسين، محمد عثمان ۽ راءِ شهزاد شامل آهن جن جا لاش مڪمل طور تي سڙي ويا هئا. ريسڪيو اهلڪارن موقعي تي پهچي سڙي ويل لاشن کي ضلعي اسپتال منتقل ڪيو. شروعاتي جاچ ۾ واقعي کي پراڻي دشمني تڪرار قرار ڏنو پيو وڃي، پوليس هر رخ کان جارچ ڪري رهي آهي. قاتل واردات کان پوءِ فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، ونيڪي تارڙ ٿاڻي جي پوليس ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي پر اڃان تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے