welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

غزه تي اسرائيلي حملا: برطانيه، فن لينڊ، سوئيڊن ۽ اسرائيل ۾ احتجاجي مظاهرا

غزہ:(آچر 17 آگسٽ 2025ع)فلسطيني عوام تي جاري اسرائيلي ظلمن جي خلاف دنيا جي مختلف ملڪن ۾ احتجاجي مظاهرن جو سلسلو جاري آهي. برطانيه، فن لينڊ، سوئيڊن ايستائين جو اسرائيل جي اندر به عوام روڊن تي نڪري آئي، برطانيه ۾ رائل ايئر فورس بيسن جي ٻاهران سوين ماڻهن احتجاج ڪيو ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اسرائيل کي هٿيارن جي فراهمي فوري طور تي بند ڪئي وڃي. فن لينڊ ۾ فلسطيني حامين هڪ هٿيار تيار ڪندڙ ڪمپني جي آفيس جي شيشن تي ڳاڙهو رنگ اڇلي اسرائيل کي هٿيار ڏيڻ خلاف پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو. سوئيڊن ۾ فلسطيني صحافين جي ياد ۾ مارچ ڪيو ويو جيڪي فوج جي حملن ۾ شهيد ٿي چڪا آهن. مظاهرين غزه ۾ نسل ڪشي بند ڪرڻ ۽ فوري جنگبندي جو مطالبو ڪيو. ٻئي طرف اسرائيل جي اندر به هزارين ماڻهو حڪومت جي خلاف روڊن تي نڪري آيا. تل ابيب ۾ مظاهرين فوجي هيڊ ڪوارٽرز جي ٻاهران احتجاج ڪيو ۽ يرغمالين جي آزادي لاءِ حماس سان معاهدو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے