welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڊيره اسماعيل خان ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ، 7 ڄڻا مارجي ويا، هڪ سخت زخمي

ڪوھاٽ:(آچر 17 آگسٽ 2025ع)خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڪوهاٽ جي ڏوراهين علائقي ريگي شينوخيل ۾ اڻڄاتل هٿياربندن اوچتو انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري 7 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿيڻ کان پوءِ زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ مبتلا آهي. تفصيل موجب مقتول هڪ مقامي تقريب کان پوءِ تفريح تان واپس اچي رهيا هئا ته پهريان کان لڪي ويٺل حملي آورن انهن مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا. فائرنگ ايتري شديد هئي جو موقعي تي 7 ڄڻا مارجي ويا. واقعي کان پوءِ علائقي ۾ خوف وحراس جي فضا قائم آهي جڏهن ته رهواسي گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن. پوليس اطلاع ملندي ئي واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو، شاهديون گڏ ڪرڻ کان پوءِ جاچ شروع ڪئي وئي آهي. لاشن کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي فوت ٿي ويل جي وارثن جي دانهن تي فضا سوڳوار ٿي وئي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے