welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

منشيات جي اسمگلنگ ۾ ملوث وڏا ماٹھو گرفتار، ايندڙ مهم گٽڪو ۽ ماوا کي نشانو بڻائيندي: آءِ جي سنڌ

ڪراچي:(ڇنڇر 09 آگسٽ 2025ع)ڪراچي: آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جو چوڻ آهي ته منشيات فروشن جي فهرست ۾ شامل وڏا نالا پڪڙيا ويا آهن، هاڻي صوبي ۾ ايندڙ مهم گٽڪو، ماوا تيار ڪرڻ ۽ وڪرو ڪرڻ وارن خلاف هوندي. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس ۾ منشيات فروشن جي فهرست ۾ شامل وڏا نالا پڪڙيا ويا آهن، اهي جوابدار واٽس اپ ۽ آن لائن منشيات جي اسمگلنگ ۾ ملوث آهن. اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ چيو ته منشيات خلاف قدمن جي ڪري ڏوهن جي شرح گهٽجي وئي آهي، آن لائن منشيات جي اسمگلنگ ۾ ملوث جوابدارن کي ٽيڪنيڪل بنيادن تي گرفتار ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته منشيات جي مافا خلاف ڪارروائي سبب گٽڪو ۽ ماوا جي وڪرو ۾ واڌ جو خطرو آهي، تنهن ڪري صوبي ۾ ايندڙ مهم گٽڪو ۽ ماوا تيار ڪرڻ ۽ وڪرو ڪرڻ وارن خلاف هوندي. ان موقعي تي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي چيو ته ڪراچي ۾ بحالي مرڪز قائم ڪرڻ لاءِ فلاحي ۽ سرڪاري ادارن کي درخواست ڪئي وئي آهي. درخواست تي ڪم جاري آهي ۽ نتيجا جلد سامهون ايندا. ڪراچي ۾ منشيات جي لت ۾ مبتلا ماڻهن جي علاج لاءِ هڪ وڏي اداري جي ضرورت آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے