welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ٺري ميرواھ: پينگھ لڏندي رسو ڦاسڻ سبب معصوم نينگر فوت

ٺري ميرواھ:(اربع 13 آگسٽ 2025ع)معصوم نينگر وڻ ۾ پينگھ لڏندي ڪنڌ ۾ رسو ڦاسڻ سبب فوت ٿي ويو. ڳوٺ ڏاتو دستي ۾10 ورهين جو معصوم نينگر محمد رفيق پٽ محمد ياسين دستي وڻ ۾ پينگھ لڏندي ڪنڌ ۾ رسو ڦاسڻ سبب فوت ٿي ويو، معصوم نينگر کي فوري طور تي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. نينگر جي وارثن ٻڌايو ته نينگر گھر ٻاھران وڻ ۾ پينگھ لڏي رھيو ھو، ته اچانڪ ڪنڌ ۾ رسو ڦاسڻ سبب فوت ٿي ويو، ٻئي طرف نينگر جو لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو، ۽ وارثن کي بيھوشي جا دورا ڳوٺ ۾ سوڳ واري صورتحال پکڙجي وئي آھي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے