welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ويسٽ انڊيز ٽئين ون ڊي ۾ شڪست ڏئي پاڪستان خلاف 34 سالن کان پوءِ سيريز کٽي ورتي

ٽرينيڊاڊ:(اربع 13 آگسٽ 2025ع)ويسٽ انڊيز پاڪستان کي سيريز جي آخري ۽ فيصلائتي هڪ ڏينهن واري ميچ ۾ 202 رنسن تان شڪست ڏئي 3 ميچز تي ٻڌل سيريز 1-2 کان پنهنجي نالي ڪري ورتي. پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي وچ ۾ ٽيون ۽ فيصلائتو ون ڊي ٽرينيڊاڊ ۾ کيڏيو ويو جتي پاڪستان ٽاس کٽي ميزبان ٽيم کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. ويسٽ انڊيز پاڪستان کي کٽڻ جي 295 رنسن جو حدف ڏنو جواب ۾ پاڪستان جي بيٽنگ لائين مٽيءَ جي ڀت ثابت ٿي، سموري ٽيم 92 رنسن تي ڍير ٿي وئي، ويسٽ انڊيز پاڪستان جي خلاف 34 سالن کان پوءِ ون ڊي سيريز کٽي آهي. پاڪستان جي خلاف ويسٽ انڊيز مقرر 50 اوورز ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 294 رنسون ٺاهيون، ڪپتان شاني هوپ 94 بالن تي 120 جڏهن ته جسٽن گرويوز 24 بالن تي 43 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو ايون لوئس 37 اوور روسٽن چيز 36 رنسن جي اننگز کيڏي. پاڪستان طرفان نسيم شاهه 10 اوورز ۾ 72 رنسن جي عيوض 2 وڪيٽون حاصل ڪيون، ابرار احمد 34ر نسون ڏئي 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. جڏهن ته محمد نواز ۽ صائم ايوب هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ويسٽ انڊيز جي 295 رنسن جي حدف جي جواب ۾ پاڪستان جي بيٽنگ لائن ويسٽ انڊيز بالرز کي منهن نه ڏئي سگهي، سموري ٽيم 30هين اوور ۾ صرف 92 رنسن تي ڍير ٿي وئي. پاڪستاني بيٽسمين صائم ايوب، عبدالله شفيق، محمد رضوان، حسن علي ۽ ابرار احمد ٻڙي تي آئوٽ ٿيا. سلمان علي آغا 30، حسن نواز 13 ۽ بابر اعظم 9ر نسون ٺاهي سگهيا، جڏهن ته محمد نواز 23 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. نسيم شاهه 6 ۽ حسين طلعت هڪ رنس ٺاهي. ويسٽ انڊيز طرفان جيڊن سيلز صرف 18 رنسن جي عيوض 6 وڪيٽون حاصل ڪيون جڏهن ته گوڊاڪيس موتي 2 ۽ روسٽن چيز هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو. پاڪستان کي ٽئين ون ڊي ميچ ۾ شڪست ڏئي ويسٽ انڊيز 3 ميچز جي سيريز 1-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي. ياد رهي ته ويسٽ انڊيز پاڪستان جي خلاف 34 سالن کان پوءِ ون ڊي سيريز کٽي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے