اوسلو:(اربع 13 آگسٽ 2025ع)ناروي جي 2 ٽريلين ڊالر جي خودمختيار دولت فنڊ اعلان ڪيو آهي ته هو اسرائيل سان سڀني پرڏيهي سيڙپڪاري معاهدن کي ختم ڪندو.
فيصلي سان ڪيترائي پرڏيهي سيڙپڪاري منصوبا بند ٿي ويندا، جن ۾ 11 اسرائيلي ڪمپنيون شامل آهن.
فنڊ هڪ اسرائيلي جيٽ انجن گروپ ۾ پڻ سيڙپڪاري ڪئي آهي جيڪو جنگي جهازن جي مرمت ڪري ٿو ۽ اسرائيلي هوائي فوج کي مختلف خدمتون فراهم ڪري ٿو.
فنڊ جي انتظاميا اهو واضح ڪيو آهي ته اسرائيل ۾ سيڙپڪاري هاڻي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ درج ٿيل ڪجهه چونڊيل ڪمپنين تائين محدود هوندي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language