
اسلام آباد:(اربع 13 آگسٽ 2025ع)خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري وفاقي حڪومت کان يوٽيليٽي اسٽورز جي بندش تي ڌيان ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
قومي اسيمبلي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي آصفه ڀٽو چيو آهي ته افسوس سان خبر پئي آهي ته لکين ماڻهن کي بيروزگار ڪيو پيو وڃي، يوٽيليٽي اسٽورز جي بندش جو حڪومتي فيصلو افسوسناڪ آهي، يوٽيليٽي اسٽورز جي بندش سان لکين ماڻهو بيروزگار ۽ انهن جا خاندان متاثر ٿيا آهن.
هن چيو ته اها ناانصافي آهي، اسان حڪومت کان انهي تي جواب طلب ڪريون ٿا، حڪومت کان درخواست آهي ته انهي تي ٻيهر ڌيان ڏنو وڃي اهو انتهائي ڳڻتي جوڳو قدم آهي، وفاقي حڪومت انهي معاملي تي ڌيان ڏئي اهو ماڻهن جي معاشي مستقبل جو معاملو آهي.
ياد رهي ته سموري ملڪ ۾ يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جو آپريشن مڪمل طور تي بند ڪيو ويو آهي. وفاقي حڪومت جي هدايت تي سموري ملڪ جي يوٽيليٽي اسٽورز تي شين جي خريد ۽ وڪرو جو عمل پهرين آگسٽ کان مڪمل طور تي ختم ڪيو ويو آهي ۽ اداري جي سمورن اسٽورز تان عام واهپي جون شيون ۽ ٻيو سامان ويئر هائوس ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. يويٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جو اي آر پي سسٽم به پهرين آگسٽ کان مڪمل طور تي بند ڪيو ويو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language