welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سکر جي تاريخ جو پهريون ڪارنامو: 3080 شاگردن، شاگردياڻين “انساني جهنڊو” ٺاهي نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو

سکر:(اربع 13 آگسٽ 2025ع) يومِ آزادي ۽ معرڪه حق جي تاريخي ڪاميابين جي تسلسل ۾، اڄ آءِ بي اي پبلڪ اسڪول سکر ۾ هڪ شاندار جوش ۽ ولولي سان ڀرپور تقريب منعقد ڪئي وئي، جيڪا سکر جي تاريخ ۾ پنهنجي نوعيت جي پهرين تقريب هئي۔ ان موقعي تي 3080 کان وڌيڪ اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين قومي پرچم جي شڪل ۾ “انساني جهنڊو” ٺاهي هڪ نئون رڪارڊ قائم ڪيو، جيڪو حب الوطني، اتحاد ۽ هڪجهڙائي جو شاندار مظاهرو هو تقريب نه رڳو جشنِ آزادي جي خوشين جو حصو هئي، ان سان گڏوگڏ معرڪه حق ۾ پاڪستان جي شاندار ڪاميابي کي به خراجِ تحسين پيش ڪيو ويو۔ فضا ۾ “پاڪستان زنده باد” ۽ “ڪشمير بڻبو پاڪستان” جا نعرا گونجي رهيا هئا۔ ٻار، جن ساوا ۽ اڇا ڪپڙا پاتا هئا، ڪيترن ڏينهن جي محنت کان پوءِ هن عظيم انساني جهنڊو جي مڪمل ٿيڻ سان حب الوطني جو هڪ لاجواب منظر پيش ڪري رهيا هئا۔ تقريب ۾ ترجمان سنڌ حڪومت ۽ ميئر سکر بئرسٽر ارسلان اسلام شيخ، ڪمشنر سکر ڊويزن عابد قريشي، ڊپٽي ڪمشنر نادر شهزاد خان، ڊپٽي ميئر ڊاڪٽر ارشد مغل، ميونسپل ڪمشنر علي رضا انصاري، معزز آفيسر، استاد ۽ والدين وڏي تعداد ۾ موجود هئا۔ معزز مهمانن شاگردن جي عزم، نظم و ضبط ۽ محنت کي ساراهيو ۽ ان موقعي کي سکر لاءِ هڪ تاريخي لمحو قرار ڏنو ويو. ترجمان سنڌ حڪومت ۽ ميئر سکر بئرسٽر ارسلان اسلام شيخ پنهنجي جذباتي ۽ حب الوطني سان ڀرپور تقرير ۾ چيو ته هي منظر اسان کي قائداعظم محمد علي جناح جي ان عزم جي ياد ڏياري ٿو، جنهن برصغير جي مسلمانن کي متحد ڪيو ۽ شهيد جمهوريت ذوالفقار علي ڀٽو جي ان بهادر جدوجهد جو عڪس آهي، جنهن پاڪستان جي دفاع ۽ عوامي حقن لاءِ تاريخ رقم ڪئي۔ اڄ اهي ٻار ئي اسان جي اصل طاقت ۽ پاڪستان جو مستقبل آهن۔ هن وڌيڪ چيو ته اسان سلام پيش ڪريون ٿا پنهنجي عظيم فِيلڊ مارشل ۽ بهادر پاڪ فوج کي، جن تازو معرڪه حق ۾ دشمن ڀارت کي شڪستِ فاش ڏئي، نه صرف پاڪستاني عوام پر سڄي دنيا کي اهو پيغام ڏنو ته پاڪستان ناقابلِ تسخير آهي۔ جنرل عاصم منير جي جرئت مندانہ قيادت ۽ پاڪ فوج جي جانباز سپاهين جون قربانيون هميشه تاريخ ۾ سونهن جي اکرن سان لکبيون۔ اسان جلد 25,000 شاگردن جو انساني جهنڊو ٺاهي هڪ ٻيو رڪارڊ قائم ڪنداسين ۽ ان ڏينهن جو انتظار آهي، جڏهن ڪشمير جي آزادي جي خوشخبري سڄي پاڪستان ۾ جشن جي لهر ڇڏيندي۔ ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ قومي اتحاد، پاڪستان جي سالميت ۽ آزادي جي تحفظ لاءِ هر قرباني ڏيڻ جو عزم ورجايو۔ تقريب ۾ ٻارن جا ملي نغما، حب الوطني تي ٻڌل تقريرون ۽ نعرا ماحول کي وڌيڪ پرجوش بڻائي ڇڏيو۔ هي تقريب ان لحاظ سان به اهم هئي، جو سکر جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هن سطح ۽ هن انگ جو انساني جهنڊو تيار ڪيو ويو۔ ان کان اڳ ملڪ جي ٻين شهرن ۾ اهڙي نوعيت جا پروگرام ٿيا آهن، پر سکر ۾ 3080 کان وڌيڪ ٻارن جو گڏجي قومي پرچم جي شڪل ۾ بيهڻ هڪ يادگار ۽ منفرد ڪارنامو آهي، جيڪو ايندڙ نسلن لاءِ هڪ مثال بڻجي ويو آهي۔

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے