اسلام آباد:(ڇنڇر 23 آگسٽ 2025ع)نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۽ ڪوئيٽا ۾ ڪارروائي ڪندي ٻن شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي.
ترجمان موجب، اين سي سي آءِ اي اسلام آباد ڪارروائي ۾ هڪ شڪي کي گرفتار ڪيو آهي.
ترجمان چيو ته جوابدار سوشل ميڊيا تي عورت طور پيش ڪري بي حيائي وارو مواد حاصل ڪندو هو. جوابدار وٽان هڪ موبائل فون ۽ هڪ شڪي سم ڪارڊ هٿ ڪيو ويو آهي.
ٻئي طرف، اين سي سي آءِ اي ڪوئيٽا ايئرپورٽ روڊ تان هڪ عورت کي بليڪ ميل ڪرڻ ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جوابدار جي موبائل فون مان عورت جون وڊيوز ۽ تصويرون هٿ ڪيون ويون آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language