ڇنگائي:(ڇنڇر 23 آگسٽ 2025ع)چين جي چنگھائي صوبي ۾ پيلي درياءَ تي تعمير هيٺ پل جو وچ وارو حصو ٽٽڻ سبب ٻارهن ماڻهو فوت ٿي ويا آهن ۽ چار گم آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب، اهو واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن پل جي تعمير دوران هڪ اسٽيل ڪيبل اوچتو ٽٽي پئي، جنهن سبب پل جو وچ وارو حصو ٽٽي پيو ۽ درياهه ۾ ڪري پيو.
چيني ميڊيا موجب، حادثي وقت 15 مزدور ۽ هڪ پروجيڪٽ مئنيجر موقعي تي موجود هئا.
شروعات ۾، ست ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي خبر هئي، پر بعد ۾ فوتين جو انگ 12 ٿي ويو، جڏهن ته چار ماڻهو اڃا تائين گم آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language