بنڪاڪ:(جمعو 15 آگسٽ 2025ع)وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز شريف پرڏيهي دوري جي پهرين مرحلي ۾ ٿائيلينڊ پهچي وئي.
ٿائيلينڊ جي گاديءَ واري شهر بينڪاڪ جي سووارن ڀومي ايئرپورٽ تي پهچڻ تي ٿائيلينڊ ۾ پاڪستان جي سفير رخسانه افضل ۽ اعليٰ عملدارن مريم نواز ۽ ساڻس گڏ آيل نمائيندن جو شاندار آڌرڀاءُ ڪيو.
ان موقعي تي ٿائيلينڊ حڪومت جا اعليٰ عملدار به وزيراعليٰ مريم نواز ۽ پنجاب جي اعليٰ نمائيندن جي آجيان لاءِ ايئرپورٽ تي موجود هئا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language