ڪراچي:(جمعو 15 آگسٽ 2025ع)وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه، خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان ٽيليفون تي رابطو ڪري سيلاب سان ٿيندڙ تباهي تي هر ممڪن امداد جو يقين ڏياريو.
گورنر هائوس ڪي پي موجب، وزيراعليٰ سنڌ خيبرپختونخوا ۾ ڪلائوڊ برسٽ سبب جاني ۽ مالي نقصان تي ڳري افسوس جو اظهار ڪيو.
هن گورنر ڪي پي کي يقين ڏياريو ته مشڪل جي هن گهڙي ۾ سنڌ حڪومت ۽ عوام، خيبرپختونخوا جي عوام سان ڀرپور همدردي ۽ ڀائيواري سان گڏ بيٺل آهن.
مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت، خيبرپختونخوا جي سيلاب متاثر علائقن جي ماڻهن جي هر قسم جي مدد لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language