welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اڳوڻي وزيراعظم تحقي ۾ مليل سون جي لوٽي کي پيتل ۾ تبديل ڪيو: فياض چوهان جا سنگين الزام

لاھور:(ڇنڇر 09 آگسٽ 2025ع)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳوڻي اڳواڻ ۽ عمران خان جي اڳوڻي ميڊيا ايڊوائزر فياض الحقن چوهان انڪشاف ڪيو آهي ته ڪرتارپور راهداري جي افتتاح جي موقعي تي اڳوڻي وزيراعظم کي ملندڙ سون جو لوٽو هن پيتل جي لوٽي ۾ تبديل ڪرايو جنهن کان پوءِ اڳوڻي وزيراعظم انهي لوٽي تي سون جو پاڻي چڙهائي توشه خانه ۾ جمع ڪرايو. هڪ انٽرويو جي دوران فياض الحسن چوهان چيو ته اوهان تمام وڏي ڪرپشن ڏٺي هوندي پر جنوري يا فيبروري 2019 ۾ ڪرتارپور راهداري جو افتتاث ٿيو. تقريب ۾ جنرل(ر) قمر جاويد باجوه انهي وقت جي وزيراعظم(عمران خان) به موجود هو. انهي موقعي تي سکن انهي وقت جي وزيراعظم(عمران خان) کي سوني جو لوٽو تحفي طور پيش ڪيو. فياض الحسن چوهان عمران خان ۽ ان جي گهر واري بشريٰ بي بي جو نالو کڻڻ کان سواءِ انهن کي وڏو ڊرامي باز، لالچي ۽ خودغرض قرار ڏنو هن چيو ته انهن اهو سوني جو لوٽو راولپنڊي جي صرافه بازار مان پيتل جي لوٽي ۾ تبديل ڪرايو، پوءِ پيتل جي لوٽي تي سون جو پاڻي چڙهائي انهي کي توشه خانه ۾ جمع ڪرايو ۽ اصل سون جو لوٽو پاڻ وٽ رکي ڇڏيو اها انهن جي ڪرپشن جي ليول آهي. اڳوڻي صوبائي وزير پنهنجي ڳالهين کي جاري رکندي چيو ته اڳوڻي وزيراعظم کي ملائيشيا مان هڪ ڊنر سيٽ مليو پرچ ۽ پلاليون جو، انهن پرچ پياليون به راولپنڊي جي راجا بازار ۾ وڪرو ڪري ڇڏيون. فياض الحسن چوهان چيوته انهي جي باوجود هي چون ٿا ته مون دنيا ڏٺي آهي، مان شهرت، عزت، وقار پئسا سڀ ڪجهه ڏسي چڪو آهيان، هي لالچي انسان لوٽو چوري ڪندڙ آهي، اڄ سموري دنيا جي سامهون مان انهي کي لوٽي چور جو لقب ڏيندس. بدقسمتي سان هي پاڪستان جو اهو اڳوڻو وزيراعظم آهي جيڪو لوٽو چور آهي، اها ڳالهه صحيح آهي ته لوٽو سون جو هو پر اڳوڻو وزيراعظم لوٽو چور آهي. هن چيو ته اهو ماڻهو اڄ 14 آگسٽ هجي يا 6 سيپٽمبر، پاڪستان جي عزت، وقار، خوشحالي، سالميت، خوداري ۽ مستقبل جو جنازو ڪڍڻ ۾ مصروف آهي. چوي ٿو ته مون کي آزاد ڪريو، باقي سڀني کي ڇڏيو. هن جو جيڪو 14 آگسٽ تي پلان آهي هي انهي ۾ به خوار ٿيندو. ياد رهي ته پنجاب جي اڳوڻي اطلاعات واري وزير فياض الحسن چوهان کي 2022 ۾ عمران خان پنهنجو ميڊيا ايڊوائزر مقرر ڪيو هو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے