راولپنڊي:(ڇنڇر 09 آگسٽ 2025ع)پاڪ افغان بارڊر ڀرسان سيڪيورٽي فورسز جي ڪليئرنس آپريشن دوران وڌيڪ 14 ڀارتي حمايت يافته دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز طرفان 7 ۽ 8 آگسٽ تي ضلعي زوب جي علائقي سمباڙه ۾ ڪامياب ڪارروائين جي دوران 33 خوارج مارجي ويا هئا. جنهن کان پوءِ 8 ۽ 9 آگسٽ جي وچ واري رات پاڪ افغان سرحد جي ڀرسان سمبازه ۾ ڪليئرنس آپريشن ڪيو ويو جنهن دوران وڌيڪ 14 ڀارتي حمايت يافته دهشتگرد مارجي ويا. 2 ڏينهن ۾ گڏيل طور تي مارجي ويل ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جو انگ 47 ٿي ويو آهي.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب سيڪيورٽي فورسز ملڪ جي سرحدن جي تحفظ ۽ پاڪستان جي امن استحڪام ۽ ترقي کي ختم ڪرڻ جي ڪوششن کي ناڪام بنائڻ جي لاءِ پرعزم آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language